اليڪشن ۾ حصو وٺڻ چاهيان ٿو: عمران خان پنهنجي نااهلي چئلينج ڪري ڇڏي

0
150
اليڪشن ۾ حصو وٺڻ چاهيان ٿو: عمران خان پنهنجي نااهلي چئلينج ڪري ڇڏي
اليڪشن ۾ حصو وٺڻ چاهيان ٿو: عمران خان پنهنجي نااهلي چئلينج ڪري ڇڏي

لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ درخواست داخل، پي ٽي آءِ جي اڳوڻي چيئرمين موقف اختيار ڪيو ته سپريم ڪورٽ جي حڪمن تي اليڪشن جي تاريخ جو اعلان ٿي چڪو آهي، اليڪشن ۾ حصو وٺڻ چاهيان ٿو

تحريڪ انصاف جي اڳوڻي چيئرمين طرفان بيرسٽر گوهر خان ۽ علي ظفرلاهور هاءِ ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪرائي

درخواست ۾ اليڪشن ڪميشن کي ڌر بڻايو ويو، درخواست ۾ موقف پيش ڪيو ويو ته اليڪشن ڪميشن 8 آگسٽ 2023ع تي 5 سالن لاءِ اسيمبلي ميمبر طور نااهل ڪيو

اليڪشن کان ٻاهر ڪرڻ لاءِ جلد بازي ۾ غيرقانوني قدم کنيا ويا، لڳايل الزام بي بنياد آهن، عدالت 5 سالن جي نااهلي کي ڪالعدم قرار ڏي

درخواست ۾ استدعا ڪئي وئي آهي ته درخواست جي فيصلي تائين نااهلي جو نوٽيفڪيشن معطل ڪيو وڃي