نواز ليگ نين تڪ بندين خلاف عدالت وڃڻ جو فيصلو ڪري ڇڏيو

0
123

فوٹو:اسکرین گریپ

ن ليگ نين تڪ بندين خلاف عدالت وڃڻ جو فيصلو ڪري ڇڏيو، اڳوڻي وفاقي وزير خواجه سعد رفيق چيو آهي ته ن ليگ نين تڪبندين مان مطمئن ناهي، مان پنهنجي تڪ جي حوالي سان اليڪشن ڪميشن ويس پر منهنجي ڳالهه نه ٻڌي وئي

 لاهور ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي خواجه سعد رفيق چيو ته عام چونڊن ۾ بهترين اميدوار ميدان ۾ لاهڻ جي ڪوشش ڪنداسين

هن چيو ته ليول پلئينگ فيلڊ جو طعنو عجيب آهي، اڃا تڪبندين جا مسئلا هلي رهيا آهن، ن ليگ نين تڪبندين مان ڪنهن به صورت ۾ مطمئن نه آهي

سعد رفيق چيو ته نين تڪبندين ۾ منهنجو ۽ شهباز شريف جو تڪ متاثر ٿيو آهي، نين تڪبندين کي چئلينج ڪرڻ لاءِ عدالت وڃون پيا