گهوٽڪي: پنجاب واسي نوجوان عورتاڻي آواز تي هرکجي اغوا ٿيڻ کان بچي ويو

0
277

گهوٽڪي: پوليس پنجاب واسي نوجوان خالد کي عورتاڻي آواز تي هرکجي اغوا ٿيڻ کان بچائي ورتو. لوڌران واسي خالد پنجابي گيمڙو جي ڪچي ۾ عورتاڻي آواز تي هرکجي وڃي رهيو هو ته بي سيڪشن گهوٽڪي ٿاڻي جي پوليس نوجوان کي بچائي ورتو. اغوا ٿيڻ کان بچي ويل خالد پنجابي جو چوڻ هو ماروي نالي عورت فون تي رابطو ڪري چيو ته اوهان جي آواز ۾ ڪشش آهي دوستي رکڻ ٿي چاهيان جنهن بعد هو عورت سان مسلسل ڳالهائيندو هو. هن چيو ته اڄ ملاقات ڪرڻ لاء عورت گهوٽڪي جي ڪچي ۾ گهرايو، وڃي رهيو هيس ته پوليس پهچي اغوا ٿيڻ کان بچائي ورتو.