پيپلزپارٽي پاران وزيراعظم سميت رنگ روڊ اسڪينڊل ۾ ملوث وزيرن جي استعيفيٰ جو مطالبو

0
213

اسلام آباد: پيپلزپارٽي وزيراعظم سميت رنگ روڊ اسڪينڊل ۾ ملوث وزيرن جي استعيفيٰ جو مطالبو ڪندي چيو آهي ته وزير اعظم عمران خان، پنجاب جو وڏو وزير غلام سرور، شهزاد اڪبر کي فوري طور تي استعيفيٰ ڏيڻ گهرجي. پ پ اڳواڻ نير بخاري ۽ بين پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته ڪرپشن جي خاتمي جو دعويدار عمران خان ڪرپشن جو سهولتڪار بڻجي ويو آهي. قومي خزاني تي ڌاڙي وقت ڪنهن کي به نه ڇڏيندس جي هام هڻندڙ وزير اعظم ڪٿي ستل آهي. هن چيو ته موجوده حڪومت مڪمل طور ميگا اسڪينڊل جي زد ۾ اچي چڪي آهي. رنگ روڊ اسڪينڊل موجوده حڪومت جي خلاف هڪ ٻيو چارج شيٽ آهي. هن چيو ته زلفي بخاري جي استعيفيٰ سان اپوزيشن جا خدشا صحيح ثابت ٿيا، رڳو وزيرن کي قرباني جو ٻڪرو بڻائڻ عوام جي اکين ۾ ڌوڙ وجهڻ برابر آهي.