گهوٽڪي ضلعي ۾ 7هزار کان وڌيڪ جوابدار پوليس کي گهربل، ايس ايس پي لسٽ جاري ڪري ڇڏي

0
270
گهوٽڪي ضلعي ۾ 7هزار کان
گهوٽڪي ضلعي ۾ 7هزار کان وڌيڪ جوابدار پوليس کي گهربل، ايس ايس پي لسٽ جاري ڪري ڇڏي

ڏهرڪي: گهوٽڪي ضلعي جي 20 پوليس ٿاڻن تي 7000 هزار کان وڌيڪ جوابدار پوليس کي گهربل آهن، نئين مقرر ايس ايس پي تنوير تنيو روپورش ۽  اشتهاري جوابدارن جون ٿاڻن تان لسٽون طلب ڪري ورتيون

پوليس موجب ضلعي ۾ 4585  جوابدار اشتهاري ۽ 3161  ڄڻا روپوش آهن، قتل، ڦر اغوا ۽ ٻين مختلف ڪيسن ۾ 7746 جوابدار گهربل آهن

رائونتي ٿاڻي تي   674  اشتهاري، 473 روپوش، ڏهرڪي ٿاڻي تي 213 جوابدار گهربل، اوٻاوڙو، کينجهو، ميرپور ماٿيلو، کنڀڙا،گهوٽڪي اي سيڪشن ۽ ٻين ٿاڻن تي هزارين جوابدار پوليس کي گهربل آهن

ايس ايس پي گهوٽڪي پوليس ٿاڻن جي ايس ايڇ اوز کي اشتهاري ۽ روپوش جوابدارن جي گرفتاري جو حڪم ڏئي ڇڏيو آھي

پوليس ٿاڻن تي روپوش ۽ اشتهاري جوابدار جيڪي قانون جي گرفت کان آجا هئا، پوليس انهن سان مبينا طور ٻٽ بڻيل هئي،ايس ايس پي جي حڪم کانپوءِ پوليس ۾ ٿرٿلو متل آهي

ھي به پڙھندا

ايس ايس پي گهوٽڪي جي آپريشن جي اعلان جو رد عمل: ڌاڙيلن ٻن مغوين جي وڊيوز جاري ڪري ڇڏي