گمبٽ: پراسرار نموني گم ٿيل نينگري جو ڏس نه پتو، وارث پريشان

0
252

گمبٽ (ن پ ا) پيرپاڙي جي رهواسڻ ستن سالن جي نينگري نصرت لاشاري گذريل کان پراسرار نموني گم وارث پريشان، وارثن جو چوڻ آهي ته نينگري نصرت لاشاري گهران نڪتي هئي جيڪا هن وقت تائين واپس ناهي ملي سگهي، نينگري جي گمشدگي جو اطلاع پوليس کي ڏنو آهي گهڻي ڳولا باوجود نينگري هٿ ناهي اچي سگهي، نينگري جي گمشدگي سبب سندس امڙ کي بيهوشي جا دورا پئجي رهيا آهن، نينگري جي وارثن ايس ايس پي خيرپور کي اپيل ڪئي ته نينگري نصرت لاشاري جي ڳولا ۾ مدد ڪري پريشان ٿيڻ کان بچايو وڃي.