ڪراچي کان اباڻي ڳوٺن ۾ عيد ڪرڻ لاءِ ويندڙن کان ڦرلٽ

0
783

سيوھڻ(ن پ ا) سيوھڻ ڀرسان ٽنڊو شهبازي پل وٽ انڊس ھاءِ وي تي ٽن ھٿيار بندن وين مسافرن کان پنج لک ۽ موبائل فونز ڦر ڪري فرار ٿي ويا، مسافرن جو احتجاج، متاثر مسافر ڪراچي کان لاڙڪاڻي طرف وڃي رھيا ھئا ته ٽنڊو شهبازي پل وٽ سندن وين جو بيلٽ ٽٽي پيو، ڊرائيور پاران گاڏي بيھارڻ تي ٽي ھٿيار بند ھٿيارن جي زور تي مسافرن کان پئسا ۽ موبائل فون ڦر ڪري ويا. مسافرن جو چوڻ آهي ته اسان ڪراچي کان عيد ڪرڻ لاءِ پنھنجي ڳوٺ وڃي رھيا ھئا سين ته ھي واقعو پيش آيو، ڪراچي ۾ مختلف جاين تي پورھيو ڪندا آھيون، پوليس ھن وقت تائين اسان جي مدد نه ڪئي، ڦورو ڊوم جون چاٻيون به پاڻ سان کڻي فرار ٿي ويا، اسان کي ڦر ٿيل رقم واپس ڪرائي وڃي.