نئون ديرو ڀرسان ٻن ڌرين ۾ هلندڙ تڪرار تان پيرسن عورت قتل

0
196

نئون ديرو (ن پ ا) نئون ديرو ڀرسان ڳوٺ فيض محمد جيھو ۾ جيھا برادري جي ٻن ڌرين ۾ مڇي جي سرڪاري تلاءَ تان هلندڙ تڪرار ۾ 70 ورهين جي پيرسن عورت شاھنواز زال سائينداد گولي لڳڻ سبب قتل ٿي وئي، اسپتال ۾ موجود قربان جيھو ۽ محمود جيھو ٻڌايو ته جوابدارن مولا بخش جيھو جي چرچ تي زاھد، عبدالله، حسين بخش پريل، ڪاشف، عباس سميت ٻين جوابدارن ڪاھ ڪئي، جنھن ۾ منھنجي پيرسن ماءُ قتل ٿي وئي. اسپتال ۾ موجود ڊاڪٽر غضنفر کوکر ٻڌايو ته عورت ايم ايل او نائلا ٽن مھينن جي موڪل تي ويل آھي جنهن ڪري ليڊي ايم ايل او ڊاڪٽر نه ھجڻ سبب لاش پوسٽ مارٽم لاءِ رتو ديرو موڪليو ويو آهي.