گلاسگو موسمياتي ڪانفرنس، عالمي اڳواڻن جا دلچسپ منظر

0
955
گلاسگو موسمياتي ڪانفرنس، عالمي اڳواڻن جا دلچسپ منظر
گلاسگو موسمياتي ڪانفرنس، عالمي اڳواڻن جا دلچسپ منظر

گلاسگو (م ڊ) گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريس ڀاڪر پائڻ تي ڀارتي وزيراعظم نريندر مودي کي پوئتي ڌڪي ڇڏيو،  وڏن وڏن اڳواڻن سان ڀاڪر پائڻ جو شوقين ڀارتي وزيراعظم نريندي مودي گلاسگو ڪانفرنس ۾ به پاڻ تي ڪنٽرول نه ڪري سگهيو، نريندر مودي يو اين او جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريس سان اهڙو ڀاڪر پاتو جو هن کي اڻ وڻندڙ لڳو، مودي ڪورونا وبا باوجود سماجي فاصلي جو خيال نه رکندي منهنجو منهن به انتونيو گوتريس جي ويجهو آندو، جنهن سان گوتريس مودي کي آهستي آهستي پوئتي ڪري ڇڏيو،

نريندر مودي اسٽيج تي آيو ته هن پهرين برطانوي وزيراعظم بورس جانسن سان ملاقات ڪئي ۽ پوءِ گڏيل قومن جي سيڪريٽري طرف وڌيو، اهڙي وڊيو به سامهون اچي وئي آهي. هوڏانهن آمريڪي صدر بائيڊن کي گڏيل قومن جي موسمياتي تبديلي ڪانفرنس دوران ننڊ اچي وئي، اسڪاٽ لينڊ ۾ هلندڙ عالمي موسمياتي تبديلي ڪانفرنس جي افتتاحي خطاب دوران آمريڪي صدر بائيڊن جي اک لڳي وئي، هڪ ڀيرو سندس هڪ معاون اچي کيس ڪن ۾ ڪجهه چيو، جنهن تي هن اکيون کوليون پر پوءِ به بائيڊن بدستور جهوٽا کائيندو رهيو.