اسلام آباد (بيورو رپورٽ) سڌ سماءَ وزارت ۾ اهم مقرريون ۽ بدليون ڪيون ويون، سڌ سماءَ جي وفاقي سيڪريٽري شاهيرا شاهد کي عهدي تان هٽائي اسٽيبلشمينٽ ڊويزن ۾ رپورٽ ڪرڻ جو چيو ويو آهي، سهيل علي خان کي سڌ سماءَ جي وزارت ۾ ايڊيشنل سيڪريٽري  انچارج مقرر ڪيو ويو آهي،  جڏهن ته وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت ۾ اعليٰ اختياراتي سليڪشن بورڊ جو اجلاس ٿيو جنهن ۾، ان لينڊ روينيو، پاڪستان ڪسٽمز، آڊٽ اينڊ اڪائونٽس جي 5 آفيسرن جي گريڊ 21 مان گريڊ 22 ۾ترقي جي منظوري ڏني وئي، جن ۾ ان لينڊ روينيو جي سيد نويد حسين رضوي ۽ محمد نديم عارف، پاڪستان ڪسٽمز جي مڪرم جاه  ۽ فيض احمد جڏهن ته آڊٽ اينڊ اڪائونٽس جي لياقت ميمڻ کي گريڊ21 مان گريڊ 22 ۾ ترقي جي منظوري ڏني وئي.