ڪراچي(اسٽاف رپورٽر ) سنڌ جي چيف سيڪريٽري پاران سنڌ سيڪريٽريٽ ۾ مختلف کاتن جو اوچتو دورو، لاڳاپيل سيڪريٽرين کي عوامي مسئلا جلد حل ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي، ان حوالي سان ڪالهه چيف سيڪريٽري سهيل راجپوت سروسز ۽ ٻين کاتن جو اوچتو دورو ڪري اتي موجود سائلن کان مسئلا معلوم ڪيا. چيف سيڪريٽري لاڳاپيل کاتن جي سيڪريٽرين کي هدايت ڪئي ته عوامي مسئلا اوليتي بنياد تي حل ڪيا وڃن.