اسلام آباد (بيورو رپورٽ) گهرو مامرن جي اڳوڻي وفاقي وزير شيخ رشيد چيو آهي ته سپريم ڪورٽ حڪومت کي وڌيڪ 72 ڪلاڪن جي مهلت ڏني آهي، پيسن ۽ سيڪيورٽي جو بندوبست ڪرڻ حڪومت جو ڪم آهي، نه ته اسان ٻڌائينداسين ته اهو بندوبست ڪيئن ٿيندو،  سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي جاري ڪيل بيان ۾هن وڌيڪ چيو ته ججن جي خلاف جيڪا تحريڪ هلي رهي آهي چيف جسٽس ان جو به سختي سان نوٽيس وٺي ڇڏيو آهي.