گدلاڻ سبب 2048 تائين سمنڊ مان مڇي ختم ٿيڻ جو خدشو

0
323

لنڊن (دلچسپ نيوز) گدلاڻ سبب 2048 تائين سمنڊ مان مڇي ختم ٿيڻ جو خدشو پيدا ٿي ويو آهي. پرڏيهي خابرو اداري جي رپورٽ موجب برطانوي هدايتڪارعلي تبريزي ماهيگيري ۽ سامونڊي گدلاڻ بابت دستاويزي فلم ٺاهي آهي جنهن ۾ ڏيکاريو ويو آهي ته ڪهڙي ريت مڇي جي نسل ڪشي ٿي رهي آهي. فلم ۾ 2006 جي نيويارڪ ٽائيمز جي هڪ تحقيقاتي رپورٽ ڏيکاري وئي. رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته جيڪڏهن ماهيگيري جي موجودا صورتحال ۽ گدلاڻ جاري رهي ته سمنڊ مڇي کان خالي ٿي ويندا. ان حوالي سان ڪينيڊا جي ڊلهوزي يونيورسٽي جي پروفيسر بورس ورم جو چوڻ آهي ته 2006 کان هن وقت تائين دنيا جي ڪيترن ئي ملڪن ۾ مڇي جو نسل وڌائڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي.