پيرسن ترڪ عورت نيٺ پنهنجو نالو لکڻ سکي ورتو

0
379

انقرهه (دلچسپ نيوز) پيرسن ترڪ عورت نيٺ پنهنجو نالو لکڻ سکي ورتو. پرڏيهي خابرو اداري جي رپورٽ موجب 90 ورهين جي ازمي ارسلان اولهه دينيزلي صوبي ۾ رهندڙ آهي. پيرسن عورت پنهنجو نالو لکڻ ۽ پڙهڻ لاءِ 2 مهينا تربيت ورتي ۽ هاڻي هو آساني سان پنهنجو نالو لکي ۽ پڙهي سگهي ٿي. ان حوالي سان ازمي ارسلان جو چوڻ آهي ته وڏي خوشي ٿي آهي ته هاڻي پنهنجو نالو لکي سگهان ٿو. هن ٻڌايو ته ننڍپڻ ۾ غربت سبب اسڪول نه وڃي سگهيس ان جو ڏک آهي.