ڪڪڙ( ن پ ا) ڪڪڙ ويجھو ڪار جي ٽڪر ۾ روڊ ڪراس ڪندڙ نينگري فوت ٿي ويو. ڪڪڙ ٿاڻي جي حد ۾ خانپور جوڻيجو جي صحت مرڪز اسپتال سامھون انڊس ھاءوي روڊ تي معصوم 6 ورھين جي نينگري ثنا چنا پي غلام شبير چنو سان گڏ شئ وٺڻ لاء شھر طرف اچڻ لاء روڊ پار ڪري رھي ھئي ته سامھون ايندڙ ڪار جي ٽڪر ۾ سخت زخمي ٿي پئي، جنهن کي وارثن پاران زخمي حالت ۾ خانپور جي خانگي اسپتال آندو ويو جتي ڊاڪٽر فوت ھئڻ جي تصديق ڪئي لاش گھر پھچڻ تي ڪھرام مچي ويو ھوڏانھن ڪار ڊرائيور ڪار ڪاھي فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو ن ئي وقعي جو ڪيس داخل ٿي سگھيو آھي.