ڀٽ شاهه(ن پ ا) ڀٽ شاهه ويجھو قومي شاھراهه تي ڪار جي ٽڪر ۾ 8 ورهين جي نينگري لائبا کوسو فوت ٿي وئي. کنڊو ڀرسان قومي شاهراهه تي جاڙا واٽر ڀرسان روڊ ڪراس ڪندڙ نينگري کي تيز رفتار ڪار ٽڪرھنيو، جنهن جي نتيجي ۾ نينگري لائبا ڌي بشيراحمد کوسو ٿڏي تي فوت ٿي وئي، جڏهن ته ڪار سميت ڊرائيور فرار ٿي ويو. نينگري جو لاش ڀٽ شاهه اسپتال منتقل ڪيو ويو، ڪار هالا کان حيدرباد طرف وڃي رهي هئي.