گهوٽڪي (رپورٽ: ماجد سنگهڙ)گهوٽڪيءَ جي ڪچي واري علائقي ۾ پوليس ۽ ڏوهارين ۾ مقابلو، پوليس پاران ٻن ڌاڙيلن کي زخمي ڪرڻ جي دعويٰ، پوليس جي اي پي سي چين (بڪتربند) ڦاسي پئي. اضافي نفري موقعي تي پهچي ستن پوليس اهلڪارن کي بچائي ورتو. پوليس ٻن ڪلاڪن بعد ڦاٿل اي پي سي چين کي ڪڍي ٻن عورتن کي کنڀي کڻي آئي. گهوٽڪي جي ڪچوٻنڊي ٽو واري علائقي ۾ پوليس ڌاڙيل علي حسن جاگيراڻيءَ جي گهر تي چڙهائي ڪئي ته ٻنهي طرفن کان گولاباري شروع ٿي وئي. ان دوران پوليس جي بڪتربند پاڻيءَ ۾ ڦاسي پئي ۽ ڪجهه دير بعد ڏوهارين اي پي سي چين کي گهيري ۾ آڻي ورتو. اهڙي اطلاع تي پوليس جي بيڪ اپ واقعي واري هنڌ پهچي اي پي سي چين ۾ ڦاٿل پوليس اهلڪارن بڪتربند مان ڪڍي ٿاڻي تي پهچايو. پوليس ڏوهارين جي گهرن کي ڊاهي پٽ ڪرڻ بعد ٻن عورتن کي کنڀي ٿاڻي تي کڻي آئي. پوليس جي دعويٰ موجب فائرنگ ۾ ڌاڙيل مير احمد جاگيراڻي ۽ ڀورل جاگيراڻي کي زخمي ڪيو ويو آهي.