ٽيڪساس (انٽريسٽنگ نيوز) آمريڪا ۾ فلاحي ادري جي سستي اسٽور ۾ عطيو ڪيل اٽاري گيم جي ڪيسٽ ناياب هجڻ ڪري 10 هزار ڊالرن يا 16 لک پاڪستاني رپين ۾ نيلام ٿي وئي. گڊول نارٿ سينٽرل ٽيڪساس جي اسٽور ۾ سامان جي ڇانٽي ڪندڙهڪ ملازم ايليڪس جوريز کي ان وقت گيم ايئر ريڊ نظر آيو جڏهن هو ڪاٺ جو سامان ڌار ڪري رهيو هو. اها اٽاري 2600 ڪونسول ۾ لڳندڙ هڪ ڪيسٽ هئي. اها ڪيسٽ کيس ڪجهه عجيب لڳي ڇاڪاڻ تي عام طور تي پراڻي گيم جي ڪيسٽ ڪاري رنگ جي هوندي آهي جن تي اسٽيڪر لڳل هوندو آهي پر پر ايئر ريڊ جو رنگ نيرو هو ۽ ان تي هڪ هينڊل جهڙي شڪل ٺهيل هئي. ايليڪس اها ڪيسٽ والد ڏانهن اماڻي جيڪو اٽاري گيم جو تمام وڏو رانديگر آهي، والد کيس ٻڌايو ته اها ناياب ڪيسٽ آهي ايرئر ريڊ 1982ع ۾ رليز ٿيو جنهن ۾ ايئرشپ ڪنٽرول ڪري شهر کي بچائڻو هو ان جي مين اي ورزن جون رڳو 13 ڪاپيون ئي دنيا ۾ موجود آهن. گڊول اسٽور ناياب شيون نيلام ڪندو آهي ايئر ريڊ جا مختلف پرزا هڪ هفتي تائين نيلام ڪيا ويا پهرين ٻولي 500 ڊالرن کان شروع ٿي هڪ هزار ڊالرن تائين وئي، هڪ هفتي بعد ان جي ٻولي 10 هزار 590 ڊالر ٿي وئي. امڪان هو ته اهو گيم 3 هزار ڊالرن ۾ ويندو پر ان کان به تمام گهڻي قيمت ملي