اسلام آباد (بيورو رپورٽ) خيبر پختونخوا جي چيف سيڪريٽري ۽ آءِ جي پوليس موجوده صورتحال ۾ صوبي اندر پرامن چونڊون ٿيڻ جي گارنٽي ڏيڻ کان لاچاري ظاهر ڪري ڇڏي، گورنر جو به اليڪشن ڪميشن کي خط لکي چيو آهي ته چونڊن کان اڳ سيڪيورٽي ۽ معاشي مسئلا حل ڪيا وڃن، چيف اليڪشن ڪمشنر سڪندر سلطان راجا جي صدارت ۾ اليڪشن ڪميشن جو خيبر پختونخوا صوبي ۾ چونڊن جو شيڊول جاري ڪرڻ جي حوالي سان  اجلاس ٿيو، جاري ڪيل پڌرائي ۾ چيو ويو آهي ته چيف اليڪشن ڪمشنر سڪندر سلطان راجا چونڊ جي شفافيت تي زور ڏيندي چيو ته چونڊون پرامن نموني ٿيڻ انتهائي ضروري آهي، اجلاس دوران چيف سيڪريٽري خيبر پختونخوا بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته خيبر پختونخوا حڪومت 19 ارب خساري کي منهن ڏئي رهي آهي، صوبائي اسيمبلي جي چونڊن ڪرائڻ لاءِ لڳ ڀڳ هڪ ارب 60 ڪروڙ رپيا گهربل هوندا، رقم کي پورو ڪرڻ صوبائي حڪومت لاءِ مشڪل آهي، چيف سيڪريٽري اهو به واضح ڪيو ته صوبي جي امن امان جي صورتحال خراب آهي، پوليس جي 56 هزار نفري جي کوٽ آهي، امن امان جي صورتحال کي نظر ۾ رکندي ان عمل جي گارنٽي نه ٿي ڏئي سگهجي ته صوبي ۾ ايندڙ چونڊون پرامن ٿينديون، چونڊن دوران پاڪ فوج ۽ ايف سي جي مقرري انتهائي ضروري آهي،   آءِ جي خيبر پختونخوا بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته مختلف دهشتگرد گروپ افغانستان کان بارڊر ڪراس ڪري خيبر پختونخوا جي مختلف علائقن ۾ دهشتگردي جي ڪاررواين ۾ ملوث آهن، سال 2023ع ۾ هن وقت تائين 118 دهشتگردي جا واقعا ٿي چڪا آهن، اڳوڻي فاٽا جون به حالتون اليڪشن ڪرائڻ لاءِ مناسب ناهن، آءِ جي خيبر پختونخوا وڌيڪ بريفنگ ڏيندي بڌايو ته باقي ملڪ جي ڀيٽ ۾ خيبر پختونخوا جي امن امان جي حوالي سان صورتحال تمام گهڻي خراب آهي، اليڪشن ڪميشن پاران جاري ڪيل پڌرائي ۾ چيو ويو آهي ته چيف سيڪريٽري ۽ آءِ جي خيبر پختونخوا اليڪشن ڪميشن کي ٻڌايو ته دهشتگرد ڪارروايون اپريل کان آڪٽوبر تائين تيز ٿي وينديون آهن، اهڙين حقيقتن کي سامهون رکيو وڃي،  اليڪشن ڪميشن جلد ان حوالي سان مناسب فيصلو ڪندي.ٻئي طرف خيبر پختونخوا جي گورنر اليڪشن ڪميشن کي خط به لکيو آهي، گورنر خيبر پختونخوا حاجي غلام علي خط ۾ موقف اختيار ڪيو  آهي ته هن وقت ڪي پي ڪي صوبي جي سيڪيورٽي صورتحال انتهائي خراب آهي، چونڊن لاءِ گهربل اضافي سيڪيورٽي اهلڪار دستياب ناهن، مشڪل معاشي صورتحال به آهي، آدمشماري به ٿي رهي آهي، جن جي انگن اکرن تي نئين تڪبندي ٿيڻي آهي، خيبر پختونخوا ۾ عام چونڊون ڪرائڻ جي اعلان کان اڳ انهن چيلينجن کي حل ڪيو وڃي، گورنر چيو ته خيبر پختونخوا اسيمبلي جي چونڊن جي تاريخ بچاءَ وزارت ۽ گهرو وزارت سميت اسٽيڪ هولڊرن کي اعتماد ۾ وٺي مقرر ڪئي وڃي صوبي ۾ دهشتگردي وڌي وئي آهي، سرحد پار کان دهشتگرد گروپ ضم ٿيل ضلعن  ۾ اچي آباد ٿي چڪا آهن، چونڊ دوران آزاداڻي نموني سان چرپر ممڪن نه آهي، سياسي پارٽيون انهن خطرن سبب خوفزده آهن، سياسي پارٽيون چئي رهيون آهن ته سڀني کي برابري جي بنياد تي موقعا نه ملي رهيا آهن، دهشتگرد سياسي پارٽين کي نشانو بڻائن ٿا ۽ انهن کي ڇڏي ڏين ٿا جن مفاهمت جي نالي تي دهشتگردن کي واپس آندو آهي، تقريبن تمام سياسي پارٽين سيڪيورٽي خدشن جو اظهار ڪيو آهي ۽ دهشتگردي جا خطرا گهٽ ٿيڻ تائين صوبي ۾ چونڊن ڪرائڻ جي مخالفت ڪئي آهي، گورنر پاران خط ۾ ڄاڻايو ويو ته  خيبر پختونخوا ۾ ٽي ٽي پي، تحريڪ طالبان سوات، تحريڪ طالبان باجوڙ، تحريڪ طالبان مهمند، تحريڪ طالبان طارق گروپ، اي ايس ڪي پي، جماعت الاحرار، حزب الاحرار، لشڪر اسلامي، القاعده انڊين برصغير، لشڪر جهنگوي، حافظ گل بهادر ۽ ٻيا خيبر پختونخوا ۾ دهشتگردي جي ڪاررواين ۾ ملوث آهن، انهن ڪاررواين ۾ خودڪش حملا، بارڊر کان حملا، ٽارگيٽ ڪلنگ، ڀتا خوري ۽ اغوا جا مامرا شامل آهن، ٽي ٽي پي دهشتگردي جي ڪاررواين لاءِ ڪاروباري ۽ ٻين ماڻهن کان ڀتو وصول ڪري رهي آهي، ڪي پي ڪي جي سي ٽي ڊي ڊپارٽمينٽ وٽ داخل ايف آءِ آرز مطابق رڳو سال 2022ع ۾ هڪ ارب 6 ڪروڙ رپين جو ڀتو گهريو ويو، اتي 100 کان وڌيڪ دهشتگرد تنظيمون موجود آهن.