ڪراچي : قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ اياز لطيف پليجي آل پارٽيز ڪانفرنس تي رد عمل ظاھر ڪندي چيو آهي ته  مخصوص ايجنڊا واري ڊجيٽل آدمشماري کي رد ڪريون ٿا. آدمشماري 10ھين سال ۾ ٿيڻي ھئي، اها 6 سال ۾ ڪرائڻ سازش آھي، هن سوال اٿاريو ته پيپلز پارٽي سي سي آءِ  ۾ ٻيھر آدمشماري ڪرائڻ جو مطالبو ڇو ڪيو؟ هن چيو ته  پاڪستان کي ھڪ نئين اقتصادي، آئيني ۽ سماجي چارٽر  جي ضرورت آھي.