پشاور (م ڊ) خيبرپختونخواهه جي وڏي وزير جي اطلاعات بابت خاص مددگار بيريسٽر سيف چيو آهي ته ڪي پي حڪومت سرڪاري ۽ قانوني طريقي سان پنهنجي مشهوري لاءِ سوشل ميڊيا تي اثر رسوخ رکندڙ ماڻهن کي ڀرتي ڪيو آهي، ڪي پي حڪومت 1100 سوشل ميڊيا متاثر ڪندڙ 25 هزار ماهوار پگهار تي ڀرتي ڪيا آهن. هن چيو ته ان عمل ۾ انهن کان انٽرويو ۽ ٽيسٽ ڪئي وئي ۽ انهن جي سموري ڊيٽا گڏ ڪرڻ کانپوءِ ڀرتي ڪيو ويو. بئريسٽر سيف جو چوڻ آهي ته اڳ پرنٽ ۽ اليڪٽرانڪ ميڊيا کي عوامي مسئلا حڪومت تائين پهچائڻ لاءِ استعمال ڪيو ويندو هو، هاڻي سوشل ميڊيا کي عوامي مسئلن کي حڪومت تائين پهچائڻ لاءِ استعمال ڪيو پيو وڃي، هن چيو ته نوجوان شاگردن کي تربيت ڏني پئي وڃي، انهن لاءِ ضابطا اخلاق آهي، پوليو ۽ ٻين بيمارين خلاف عوامي مهم لاءِ سوشل ميڊيا جو استعمال ڪيو ويندو.