ڏهرڪي (ن پ ا) ڏهرڪيءَ ۾ چار ڏينهن اڳ بينڪ مان پگهار وٺڻ لاءِ آيل استاد جي اغوا جي تصديق، وارثن کان 50 لک رپيا ڀنگ طلب ڪيو ويو، پوليس معاملي کان بي خبر بڻيل. خبر موجب چار ڏينهن ڳوٺ نئون ڪوٽ واسي استاد عبدالحليم چنو پگهار وٺڻ  لاءِ  ڏهرڪي بينڪ وڃڻ بعد پراسرار طور لاپتا ٿي ويو هو. وارثن پاران ڏهرڪي ٿاڻي تي اطلاع ڏنو ويو پر پوليس ڪک ڀڄي ٻيڻو نه ڪيو. گذريل ڏينهن حليم چنو جي وارثن استاد جي اغوا جي تصديق ڪئي. استاد حليم جي والد عبدالمجيد چنا ٻڌايو ته پٽ بينڪ مان پگهار وٺڻ ويو هو جتي هن هلندڙ فون ڪال تي پنهنجي گهر واريءَ کي ايترو ٻڌايو ته مون کي پوليس کنيو پئي وڃي جنهن کان پوءِ هن جا نمبر بند ٿي ويا. گذريل ڏينهن ڏوهارين پٽ جي موبائيل فون تان ڪال ڪري بازيابيءَ لاءِ 50 لک ڀنگ طلب ڪئي. هن جو چوڻ هو ته اسان مسڪين آھيون، ڀنگ ڪٿان ڀري ڏيون. هوڏانهن پوليس رابطي ڪرڻ  تي ٻڌايو ته ان معاملي جي جاچ ڪئي پئي وڃي. جڏهن ته هن وقت تائين پوليس موبائيل فون جي لوڪيشن به ٽريس نه ڪري سگهي آهي.