اوٽاوا (انٽريسٽنگ نيوز) ڪيناڊا ۾ آن لائن ڪانفرنس دوران پارليامينٽ جو ميمبر ڪئميرا جي سامهون ئي ڪپڙا مٽائي ويو، سندس وڊيو ڀرجي وئي معافي به وٺي ڇڏي. ڪيناڊا ۾ پارليامينٽ ميمبرن جي آن لائن ڪانفرنس ٿي رهي هئي ته هڪ پارليامينٽ ميمبر جي ليپ ٽاپ جي ڪيميرا غلطي سان کلي وئي جنهن جي ڪري هن جي ڪپڙا تبديل ڪرڻ جي وڊيو ڀرجي وئي. ميمبر جو نالو وليم ايمس معلوم ٿيو آهي جنهن واقعي تي شرمندگي جو اظهار ڪيو آهي. هن چيو ته بدقسمتي سان مون کان اها غلطي ٿي آهي جنهن تي شرمندا آهيان. ٽوئٽر تي جاري بيان ۾ هن چيو ته منهنجي ليپ ٽاپ جي ڪيميرا غلطي سان کلي وئي ان دوران جاگنگ سوٽ جي جاءِ تي ڪم وارا ڪپڙا پائي رهيو هيس. معافي ٿو وٺان ساٿين کي خاطري ٿو ڪرايان ته ٻيهر ائين نه ٿيندو.