ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي سياحت ثقافت نوادرات ۽ آرڪائيوز کاتي جي صوبائي وزير سيد ذوالفقار علي شاھه سان سنڌ جي فنڪارن، گلوڪارن ۽ موسيقارن  ملاقات ڪئي، سيڪريٽري خالد چاچڙ، ڊي جي منور مھيسر ۽ ڊائريڪٽر حبيب الله ميمڻ به موجود ھئا، ملاقات ڪندڙ شمن علي ميرالي، احمد مغل، ممتاز مولائي، شھنيلاعلي، نزاڪت صادق فقير، تاج مستاني، سلمان علوي، طفيل سنجراڻي، اصغر کوسو، سھراب سومرو، استاد فرحان رئيس خان ۽ ٻين فنڪارن، ادڪارن ۽ موسيقارن سيد ذوالفقار علي شاھه کي عھدو سنڀالڻ تي مبارڪباد ڏني. ملاقات ۾ فنڪارن جي مسئلن، وظيفن، صحت انشورنس ۽ ٻين معاملن تي تفصيلي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. ان موقعي تي صوبائي وزير سيد ذوالفقار علي شاھه مسئلن جي حل لاءِ ھر ممڪن مدد جي خاطري ڪرائيندي چيو ته فنڪار ۽ اداڪار اسان جي ثقافت جا سفير آھن، فنڪارن کي انھن جي فن کي پروموٽ ڪرڻ لاءِ مناسب پليٽ فارم مھيا ڪري رھيا آھيون، جلد ئي ڪيفي ثقافت اسٽوڊيو کي بحال ڪيو ويندو، هن چيو ته ضلعي سطح تي منعقد ٿيندڙ سچل سرمست ۽ لعل شهباز قلندر ايوارڊن ۾ موقعا نه ملڻ تي مقامي انتظاميا سان ڳالهائينداسين، حڪومتي سطح تي ان ڳالهه کي يقيني بڻائينداسين ته ڪنهن سان زيادتي نه ٿئي، صوبائي وزير چيو ته فنڪارن جي مسئلن ۽ معاملن تي ھر مھيني ھڪ يا ٻه اجلاس ڪيا ويندا، سنڌ ۾ بي پناهه ٽيلنٽ موجود آهي ان کي اڳتي آڻڻ لاءِ اوھان جي ضرورت آهي، آگسٽ ۾ ڊويزن سطح تي پوري سنڌ ۾ ٽيلنٽ ھنٽ پروگرام شروع ڪيا ويندا، پ پ چيئرمين جي هدايت تي فنڪارن لاءِ صحت ڪارڊ شروع ڪنداسين.