وانا(م ڊ) خيبرپختونخوا جي ضلعي اتروزيرستان ۾ سيڪيورٽي فورسز پاڪ افغان سرحد زوري ٽپڻ جي ڪوشش ڪندڙ 7 دهشتگردن کي ماري ڇڏيو، آءِ ايس پي آر پاران جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته سيڪيورٽي فورسز غلام خان ۾ اسپنڪئي جي شهري علائقي ۾ دراندازي جي ڪوشش ڪندڙ 7 دهشتگردن جي گروپ جو پتو لڳايو ويو، ان دوران فورسز دراندازي ڪندڙن کي گهيري ۾ ورتو شديد فائرنگ کانپوءِ سمورا 7 دهشتگرد مارجي ويا. سندن قبضي مان وڏي مقدار ۾ هٿيار، بارود ۽ ڌماڪيدار ماود هٿ ڪيو ويو. آءِ ايس پي آر موجب پاڪستان مستقل طور تي عبوري افغان حڪومت کي چوندو رهيو آهي ته سرحد وٽ موثر بارڊر مينيجمينٽ يقيني بڻائي. اميد آهي ته عبوري افغان حڪومت پنهنجون ذميواريون پوريون ڪندي ۽ دهشتگردن طرفان پاڪستان خلاف دهشتگردي جي ڪارروائين لاءِ افغان سرزمين کي استعمال ٿيڻ کان بچائيندي، بيان ۾ وڌيڪ چيو ويو ته پاڪستان جي سيڪيورٽي فورسز پنهنجون سرحدون محفوظ بڻائڻ ۽ ملڪ مان دهشتگردي جي لعنت جي خاتمي لاءِ پرعزم آهيون.