سکر (رپورٽ: ممتاز بخاري) ملڪ ۾ پوندڙ هاڻوڪين برساتن سبب دريائي وهڪرن ۾ پاڻي جي بهتري اچي وئي آهي، ارسا موجب ڪالهه شام جو ڪابل نديءَ ۾ نوشهري وٽ مٿاهين درجي جي ٻوڏ ٿي وئي ۽ پاڻي وهڪرا 2 لک 12000 ڪيوسڪ تي پهچي ويا هئا، جنهن ڪري ڪالاباغ بيراج وٽ پاڻيءَ جا وهڪرا بهتر ٿي هڪ 49 هزار ڪيوسڪ کان وڌي ويا ۽ شام جو انهن ۾ لاٿ به شروع ٿي هئي، گڊو بيراج وٽ مٿاهون ۽ هيٺاهون وهڪرو 35770 ڪيوسڪ رڪارڊ ڪيو ويو، سکر بيراج وٽ مٿاهون وهڪرو 30780 ڪيوسڪ ۽ هيٺاهون وهڪرو 7550 ڪيوسڪ رڪارڊ ڪيو ويو، سکر بيراج جي گهرج 34900 ڪيوسڪ آهي، ٻئي پاسي ڪوٽڙِي بيراج ۾ پاڻي کوٽ 20 سيڪڙو ٿي وئي آهي، جتي پاڻي گهرج 6820 ڪيوسڪ ۽ فراهمي 5482 ڪيوسڪ آهي، جنهن مان 320 ڪيوسڪ بيراج جي هيٺين پاسي ڏانهن به ڇڏيو پيو وڃي، سنڌ جي آبپاشي ذريعن موجب اپريل جي آخري ڏهاڪي ۾ جيڪا سنڌ ۾ پاڻي کوٽ شدت اختيار ڪري وڃڻي هئي تازين برساتن سبب ان ۾ ڪجهه بهتري جو امڪان آهي، پر ان سان گڏ اهو به خدشو ظاهر ڪيو پيو وڃي ته ڪٿي سنڌ ڏانهن اهو پاڻي پهچي ئي نه، ان جو ڪارڻ اهو ٿو ڄاڻايو وڃي ته تربيلا ڊيم جي ڊيڊ ليول وڌي 1402 فوٽ ٿي وئي آهي ۽ ڊيم ۾ رڳو پاڻي 1428.52 فوٽ جي سطح تي موجود آهي، يعني پاڻي رڳو 26.52 فوٽ ذخيري طور موجود آهي ۽ ان مان کڻت گهٽائي رڳو پنج هزار ڪيوسڪ ڪئي وئي آهي، ان جي ڀيٽ ۾ منگلا ڊيم ۾ پاڻي ذخيرن جي سطح 1119.20 فوٽ موجود آهي، پاڻي ذخيرا 59.20 فوٽ موجود پر ٻي پاسي تربيلا زون ۾ پاڻي کوٽ جي صورتحال ۾ به تڪراري سي جي ڪينال مان پاڻي 1979 ڪيوسڪ کڻت شروع ڪئي وئي ۽ گڏوگڏ چشما رزوائير مان به 10 هزار ڪيوسڪ پاڻي کڻت وڌائي هڪ 36859 ڪيوسڪ ڪئي وئي آهي.