ڪوئيٽا / گوادر (م ڊ) بلوچستان ۾ طوفاني برساتن تباهي مچائي ڇڏي، کنوڻ ۽ ڇتيون ڪرڻ جي واقعن ۾ 8 ڄڻا فوت ٿي ويا آهن. ڪوئيٽا ۽ گوادر ۾ سڀ کان وڌيڪ تباهي ٿي آهي، صوبائي حڪومت جي ترجمان شاهد رند پنهنجي بيان ۾ چيو آهي ته برسات ۽ ٻوڏ واري صورتحال سبب 132 گهرن کي نقصان پهتو آهي، جڏهن ته ڪيترن ئي علائقن ۾ روڊ رستا به متاثر ٿيا آهن. ترجمان موجب متاثر علائقن ۾ بحالي جو ڪم جاري آهي ۽ برساتن سبب ٿيل نقصان ڄاڻڻ لاءِ سروي به ڪئي پئي وڃي.