باجوڙ (م ڊ) باجوڙ جي قومي اسيمبلي جي تڪ اين اي 8 تي ٿيندڙ ننڍي چونڊ ۾ پ پ اميدوار اخونزاده چٽان جي گاڏي تي ڌماڪو ٿيو آهي. ڊي ايس پي بخت منير موجب اخونزاده چٽان ڌماڪي ۾ محفوظ رهيو، جڏهن ته سندس گاڏي کي نقصان پهتو، بارودي مواد روڊ ڀرسان بيٺل موٽر سائيڪل ۾ نصب ٿيل هيو، پ پ اميدوار جي گاڏي موٽر سائيڪل جي ويجهو پهتي ته ڌماڪو ٿيو. پوليس جو چوڻ آهي ته اخونزاده جلسي کي خطاب ڪري واپس خار اچي رهيو هيو. ياد رهي ته اين اي 8 باجوڙ ۽ پي ڪي 22 باجوڙ ۾ 21 اپريل تي ننڍي چونڊ ٿيڻي آهي، 31 جنوري تي چونڊ جي مهم دوران آزاد اميدوار ريحان زيب خان کي فائرنگ ڪري قتل ڪيو ويو هيو، جنهن بعد عام چونڊن ۾ ٻنهي تڪن تي چونڊ روڪي وئي هئي