ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) ايڪسائز، ٽيڪسيشن، نارڪوٽڪس ڪنٽرول کاتي طرفان روينيو وڌائڻ، ٽيڪس ميڪنزم ۾ جدت آڻي اُن کي مضبوط بڻائڻ ۽ ڪورٽن ۾ بينڪ گارنٽيز جي مد ۾ ۽ ناظر وٽ سنڌ حڪومت جي جمع ٿيل رقم 180 ارب رُپين جي واپسي لاءِ سپريم ڪورٽ سان رجوع ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آھي، اطلاعات، ايڪسائز، ٽيڪسيشن اينڊ نارڪوٽڪس ڪنٽرول، ٽرانسپورٽ ۽ ماس ٽرانزٽ واري سينئر صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ جي صدارت ھيٺ ايڪسائز، ٽيڪسيشن ۽ نارڪوٽڪس ڪنٽرول کاتي جو ھڪ اعليٰ سطحي جو اجلاس ۾ ٿيو. اجلاس ۾ سيڪريٽري ايڪسائز، ٽيڪسيشن اينڊ نارڪوٽڪس ڪنٽرول جي سيڪريٽري سليم راجپوت، ڊي جي ايڪسائز اورنگزيب پنھور ۽ ٻين آفيسرن شرڪت ڪئي. سينئر صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ جي صدارت ھيٺ ٿيل اجلاس ۾ گاڏين جي رجسٽريشن جي لاءِ بندرگاھ ۽ ٻين لاڳاپيل ھنڌن تي ڪائونٽر قائم ڪرڻ ۽ ٻيا جديد طريقيڪار متعارف ڪرائڻ جو فيصلو ڪيو ويو. اجلاس ۾ صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ ايڪسائز کاتي جون آفيسون اپ گريڊ ڪرڻ، انفرا اسٽرڪچر بھتر بڻائڻ، لاجسٽڪ  جون ضرورتون جلد پوريون ڪرڻ جي ھدايت ڪئي. ترجمان موجب اجلاس ۾ چيڪ پوسٽن جو نظام مضبوط ڪرڻ، نيون چيڪ پوسٽون ۽ موبائل ٽيسٽنگ ليب قائم ڪرڻ، گاڏين ۽ نارڪو ڊٽيڪٽرز جي خريداري جو به فيصلو ڪيو ويو. صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ ايڪسائز ۽ ٽيڪسيشن اختيارين کي گاڏين جي رجسٽريشن جي لاءِ جديد انداز جون پليٽون جاري ڪرڻ جو نظام آڻڻ جي به ھدايت ڪئي. اجلاس ۾ منشيات جي خلاف پوليس جي سھڪار سان ڪاررواين ۾ تيزي آڻڻ ۽ منشيات جي اسمگلنگ کي ٻنجو ڏيڻ لاءِ سمورا ممڪن قدم کڻڻ جو به فيصلو ڪيو ويو. صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو ته امپورٽ ٿيل گاڏين جي بندرگاھ کان شو رومز ۽ ٻين صوبن تائين منتقلي لاءِ قانونسازي ڪئي ويندي ۽ ايڪسائز کاتو بندرگاھ ۽ ٻين ھنڌن تي ڪائونٽر قائم ڪندو ته جيئن گاڏين جي وقت سر رجسٽريشن يقيني بڻائي وڃي. هن ايڪسائز، ٽيڪسيشن ۽ نارڪوٽڪس اختيارين کي ھدايتون ڏيندي چيو ته منشيات جي خلاف ڪاررواين ۾ تيزي آندي وڃي، منشيات فروش معاشري جا ويري آھن، پوليس ۽ ٻين ادارن جي مدد سان منشيات جو خاتمو آندو وڃي.