ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)  سنڌ جي توانائي واري صوبائي وزير سيد ناصر حسين شاهه حيسڪو، سيپڪو ۽ ڪي اليڪٽرڪ پاران صارفين کي اوور بلنگ جي معاملي تي سخت ڪاوڙ ۽ ڳڻتي جو اظهار ڪيو آهي. ڪالھ توانائي کاتي جي اعليٰ سطحي اجلاس جي موقعي تي هن آفيسرن کي هدايت ڪئي ته هو اوور بلنگ بابت جلد حيسڪو، سيپڪو ۽ ڪي اليڪٽرڪ جي لاڳاپيل آفيسرن سان ملاقات ڪري ۽ صارفين کي اوور بلز جاري ڪرڻ ۽ اوڳاڙي ڪيل رقم جي واپسي کي يقيني بڻائڻ لاءِ موثر قدم کنيا وڃن. ان کان علاوه سرڪاري ۽ غير سرڪاري صارفين کان ڊجيٽل ميٽر لڳائڻ لاءِ فوري قدم کڻڻ کي يقيني بڻايو وڃي جن کان ڊجيٽل ميٽر لڳائڻ لاءِ فيس ورتي وئي آهي. سيد ناصر حسين شاهه چيو ته ڪنهن به اداري کي عوام جي محنت واري پئسي تي اهڙي طرح ڦرلٽ ڪرڻ جي اجازت نه ٿي ڏئي سگهجي. چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي ويزن موجب سنڌ حڪومت عوام کي هر قسم جي رليف ڏيڻ لاءِ هر ممڪن قدم کڻي رهي آهي.