لاهور (م ڊ) پارٽي کي سرگرم ڪرڻ جي حوالي سان اجلاس ٿيو، سينيئر اڳواڻن نواز شريف کي حڪومتي ۽ پارٽي عهدن کي ڌار ڪرڻ جي تجويز ڏني، ذريعن موجب نواز شريف مرڪز بدران پنجاب تي ڌيان ڏيڻ تي زور ڏئي رهيو آهي، ان حوالي سان تصديق ڪندي سينئر اڳواڻ عرفان صديقي چيو ته وزيراعظم شهباز شريف جي جاءِ تي نواز شريف پارٽي صدر بڻجي سگهي ٿو، معيشت جي بحالي شهباز شريف جو وڏو مشن آهي، شهباز شريف وٽ ايترو وقت ناهي ته پارٽي کي ڏسي سگهي، نواز ليگ ۾ راءِ آهي ته نواز شريف پارٽي جي صدارت ڪري، هڪ ٻن مهينن ۾ ان بابت فيصلو ٿي ويندو، پارٽي عهدا حڪومتي عهدن کان ڌار ڪيا ويندا. هوڏانهن رانا ثناءَالله ۽ جاويد لطيف جا به پارٽي خلاف بيان سامهون آيا آهن، رانا ثناءَ الله چيو آهي ته نواز ليگ کي پنهنجو جائزو وٺڻ گهرجي، پارٽي اندر ڳالهائيندا آهيون، پارٽي سان گڏ آهيون، سال 71ع کان جيڪو قضيو هلي رهيو آهي اهو هاڻ حل ٿيڻ گهرجي، هن چيو ته بهتر اهو ٿيندو ته اوهان اڳتي وڌو، پوءِ ماضي جو حساب ڪريو، سڀ کان پهريان 24-25ڪروڙ عوام جو مستقبل محفوظ ڪريو، فيض آباد ڌرڻي تي ٽرٿ ڪميشن جوڙي وڃي، حقيقتون سامهون اچي وينديون، هن چيو ته مسئلا حل ڪرڻ لاءِ سياسي قيادت کي ويهي ڳالهيون ڪرڻيون پونديون،حڪومت کي اپوزيشن سان ڳالهيون ڪرڻ گهرجن، نواز شريف کي ڄاڻان ٿو اهو ڳالهيون ڪرڻ لاءِ تيار آهي، اصل مسئلو عمران جو آهي اهو ڳالهين لاءِ تيار ناهي، مسلم ليگ ن جي اڳواڻ جاويد لطيف پنهنجي پارٽي تي زور ڏيندي چيو هو ته پي ٽي آءِ کي حڪومت ٺاهڻ ڏني وڃي ڇو ته ان کي هيٺين ايوان ۾ اڪثريت حاصل آهي. ايڪس تي جاري ڪيل بيان ۾ هن چيو ته جنهن پارٽي (پي ٽي آءِ) 8 فيبروري جي چونڊن ۾ اڪثريت حاصل ڪئي، ان کي حڪومت ٺاهڻ جي اجازت ڏني وڃي. ائين ڪرڻ سان ملڪ کي انتشار کان بچائي سگهجي ٿو، جيڪڏهن اهو فيصلو (ن) ليگ ڪيو هو ته پوءِ ٻڌائيندس ته ڌانڌلي ڪنهن لاءِ ڪئي وئي ۽ ان جو ماسٽر مائينڊ ڪير هو. جڏهن ته ن ليگ جا ڪجهه سينيئر اڳواڻ اڳ ۾ ئي نواز شريف کي وفاق ۾ حڪومت نه ٺاهڻ جو مشورو ڏئي چڪا آهن ڇو ته انهن وٽ اڪثريت ناهي. جڏهن ته سڌ سماءَ واري وفاقي وزير عطا تارڙ رانا ثناءَ ۽ جاويد لطيف کي پارٽي فيصلن سان اختلاف پارٽي اندر رکڻ جو مشورو ڏيندي چيو آهي ته رانا ثناءَ ۽ جاويد لطيف ميڊيا تي پارٽي سان اختلاف نه ڪن، هن چيو ته رانا ثناءُالله ۽ جاويد لطيف کي ڪي به اختلاف آهن ته پارٽي ۾ اندر ڳالهائن، ٻاهر اهڙيون ڳالهيون نه ڪن. هن چيو ته جاويد لطيف جي ڳالهين کي سنجيده ناهيون وٺندا، خرم دستگير جاويد لطيف جي بيان تي ردعمل ڏيندي چيو ته جاويد لطيف وڏو ڀاءُ آهي ان کي ذميواري سان ڳالهائڻ گهرجي، جاويد لطيف وٽ ثبوت ۽ شاهد به هوندا، جاويد لطيف جيڪو ڪجهه چيو اهو شيخوپوره تائين محدود ناهي، قانوني گهرج آهي ته ثبوت ۽ شاهد هجڻ گهرجن.