قادر پٽيل جي ڪاميابي چئلينج، عدالت نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا

0
37
قادر پٽيل جي ڪاميابي چئلينج، عدالت نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا
قادر پٽيل جي ڪاميابي چئلينج، عدالت نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا

سني اتحاد ڪائونسل جي اميدوار شجاعت علي خان پيپلز پارٽي جي قادر پٽيل جي ڪاميابي کي سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ چئلينج ڪري ڇڏيو

شجاعت علي خان درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو آهي ته فارم 45 موجب مان 22 هزار کان وڌيڪ ووٽن جي اڪثريت سان ڪامياب ٿيو آهيان

درخواستگذار موقف اختيار ڪيو ته فارم 47 موجب پ پ اميدوار قادرپٽيل کي ڪامياب قرار ڏنو ويو، ڌانڌلي جي جاچ ڪرائي وڃي، قادر پٽيل جي ڪاميابي کي ڪالعدم قرار ڏنو وڃي

سنڌ هاءِ ڪورٽ قادر پٽيل، اليڪشن ڪميشن، رٽرننگ آفيسر ۽ ٻين کي 7مئي لاءِ نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا