ڪوٽڙي (رپورٽر) ڄامشوري ضلعي ۾ منشيات ۽ بدامني خلاف ڪوٽڙي ۾  ايس ٽي پي پاران سيشن ڪورٽ روڊ  تي ريلي ڪڍي مظاهرو ڪيو ويو، ان موقعي تي اڳواڻن يونس اوٺو، سڪندر بليدي، غلام مصطفيٰ شاهاڻي عبدالحڪيم کونهارو  ۽ ٻين دانهيندي چيو ته ڄامشورو ۾ وڌندڙ بدامني سبب شهري غير محفوظ آهن، شھرين مٿان ڪوڙا ڪيس داخل ڪيا پيا وڃن،  ٻئي طرف ڄامشورو ۾ سرعام منشيات جا اڏا هلي رهيا آهن جنهن سبب نوجوان نسل تباهه ٿي رهيو آهي، پوليس ڪجھه ناهي ڪيو،  هنن مطالبو ڪيو ته نوٽيس وٺي امن قائم ڪرائي منشيات وڪرو بند ڪرائي وڃي.