راڄوخاناڻي (ن پ ا) راڄوخاناڻي شھر جي گورنمينٽ بوائز پرائمري اسڪول شيدي پاڙي ۾ ڪلاس رومن جي کوٽ،  250 شاگردن لاءِ صرف 2 ڪلاس روم ھجڻ ۽ 150 کان وڌيڪ شاگردن پاران ڪلاس رومن کان ٻاهر اس ۾ ويھي تعليم حاصل ڪرڻ تي مجبور آهن، ٻي طرف شاگردن ۽ استادن محمد اسحاق قمبراڻي، بينا لوھاڻو، محمد شريف خاصخيلي، مير باجن ٽالپر ۽ ٻين احتجاجي مظاهرو ڪيو، مظاهرين چيو ته اسڪول ۾ سهولتن جي کوٽ سبب شاگردن جي تعليم متاثر پئي ٿئي، سخت گرمي سبب ڪجهه شاگرد بيھوش ٿي ويا آهن، تعليم کاتو نوٽيس وٺي.