ڪوٽڏيجي ۾ پ پ ۽ جي ڊي اي ۾ ڇڪتاڻ: 2 ڄڻا زخمي

0
219

ڪوٽڏيجي تعلقي جي يوسي گوندرڙو جي پولنگ اسٽيشن تي جي ڊي اي ۽ پيپلز پارٽي ۾ جهيڙي جي نتيجي ۾ 2 ڄڻا زخمي ٿي پيا آهن، جڏهن ته جي ڊي اي الزام هنيو آهي ته پرزائيڊنگ آفيسر غير قانوني طور ٽپا هڻائي رهيا آهن

جي ڊي اي ۽ پيپلز پقرٽي وچ ۾ جهيڙو ٿي پيو، جنهن نتيجي ۾ 2 ڄڻا زخمي ٿي پيا، يوسي گوندرڙو ۾ جي ڊي اي جي اميدوار مختيار ٻرڙو  پرزائيڊنگ آفيسر خلاف احتجاج ڪيو

جي ڊي اي اڳواڻ مطالبو ڪيو آهي ته ري پولنگ ڪنهن اهڙي جڳهه تي ڪرائي وڃي جيڪا اڻڌري هجي، ٻي صورت ۾ اسين انهن خلاف پٽيشن داخل ڪرائينداسين

ھي به پڙھندا

مڪاني چونڊن جو پهريون مرحلو: 2 ڄڻا قتل، ڪيترائي زخمي: 25 ڄڻا اغوا