ٿر ۾ پولنگ دوران ڇڪتاڻ: 3 ڄڻا زخمي: اڪثر پولنگس بند: بيلٽ پيپرز غائب

0
248
ٿر ۾ پولنگ دوران ڇڪتاڻ

ڇاڇرو/ڏاهلي: ڇاڇري ۽ ڏاهلي ۾ پولنگ دوران مختلف پولنگ اسٽيشنن تي جيهڙن جا واقعا رپورٽ ٿيا آهن، جڏهن ته  پيپلزپارٽي ۽ پي ٽي آءِ ڪارڪن آمهون سامهون آهن

ڳوٺ گونگيو ۾ پ پ ۽ پ ٽي آءِ ڪارڪنن ۾ جهيڙي سبب ووٽنگ جو عمل رڪجي ويو، ڳوٺ سارنگهيار جي ميگهواڙ پاڙو جي مين پولنگ اسٽيشن تي صحافين تي پٿراءُ پڻ ڪرڻ جون شڪايتون سامهون آيون آهن

يوسي گل محمد جي پولنگ اسٽيشن راملاڻي ۾ جهيڙي سبب 3 ڄڻا زخمي ٿيا آهن، سيڪورٽي جا ناقص انتظام هئڻ سبب ٿر جون اڪثر پولنگ اسٽيشن جيهڙي ۾ تبديل ٿي ويون آهن

کٽڪڙي پولنگ اسٽيشن تي 900 بيلٽ پيپر غائب بابت پرزئيڊنگ آفيسر جي وڊيو وائرل ٿي وئي آهي، 700 سئو بيلڊ پيپر غائب ٿي ويا آهن

ھي به پڙھندا

روهـڙي ۾ پولنگ دوران ڇڪتاڻ: 2 ڄڻا قتل