ڪوهستان ۾ وڏي والار جي تياري، ڌماڪن ۽ مشينري ذريعي قديم جبل ڊاهي ميدان ٺاهڻ جو سلسلو شروع

0
684

نوري آباد (رپورٽ:عالم پالاري) ڄامشورو ۽ ٺٽو ضلعن جي ڪوھستان وارن مختلف جابلو علائقن ۾ بلڊرن پاران ڌماڪا ڪري مشينري جي استعمال سان قدرتي سونھن جبل ڏاري تباهه ڪرڻ جو سلسلو شروع ڪيو ويو اهي. ان ڏس ۾ ڪارو جبل وٽ جبل سورجاڻو، اجھيڪار جبل، ڪوڊيرلوياڇ، مڪان، ٽڪ مڪان، سرکن مڪان، گڙند مڪان، ڊڀن واري جنگشاھي جي مارو جبل ، جبل مالماڙي، جھمپير لوڻي ڪوٽ، ڄنگھڙي سميت ڪافي ھنڌن تي ڳري مشينري وسيلي جبلن کي مختلف ڌماڪن وسيلي ٽوڙي ميداني علائقا ٺاهيا پيا وڃن. مختلف بلڊرن پاران سرڪاري جبلن کي بغير ڪنھن اٿارٽي جي فرضي نالن سان غير قانوني طريقي سان ليزون ڪرائي انھن ۾ غير قانوني ڪريش پلانٽ قائم ڪيا ويا آھن. جبل جيڪي سرڪاري ملڪيتون آھن. انتظاميا جي مبينا ملي ڀڳت سبب جبل ڪٽي اتي مختلف سوسائٽيون ٺاھيون پيون وڃن. ڪوھستان جي جبلن ۾ رھندڙ جنگھلي جيوت پڻ سخت متاثر ٿي آھي. جنھن سبب ناياب جانورن جي پڻ نسل ڪشي ٿي رھي آھي. ڪراچي کان حيدرآباد تائين سپرھاوي جي ٻنھي پاسن وڏا جبل موجود ھئا، جن کي بحريا ٽائون ڊي ايڇ اي ڪمانڊر ونڊر سيون سٽي بن طيب سميت مختلف سوسائٽين جاتعميراتي پروجيڪٽ ھلندڙ آھن قدرتي سونھن جبلن ڪي ڪٽي ان مان قيمتي پٿر کي ڪريش پلانٽ ۾ ڪتب آندو پيو وڃي. ھتان جي سياسي سماجي ڌرين ڪوھستان بچايو ڪاميٽي جي اڳواڻ ڊاڪٽر لکمير پالاري نظير الياڻي رحمان پالاري الھي بخش بڪڪ صحافين سان ڳالھائيندي چيو ته ڪوھستان جيڪو قدرتي سونھن جبل جيڪي سرڪاري ملڪيت ھئڻ باوجود مختلف بلڊر افغاني پٺاڻن ڳري مشينري وسيلي غير قانوني طريقي سان ختم ڪري ان مان قيمتي پٿر ڪڍي مقامي رھواسين لا۽ آزار پيدا ڪيو وڃي ۽ جنگھلي جيوت جنھن ۾ سرھ سھو گدڙ لومڙ ڳورپٽ بگھڙ ۽ ناياب پکين جي پڻ نسل.ڪشي ٿي رھي آھي ۽ قدرتي برسات دوران پاڻي جا پيچرا پڻ سخت متاثر ٿين ٿا. انھن وس وارن سنڌ حڪومت سياحت کاتي سميت اعليٰ عدالتن کان پروز مطالبو ڪيو ت ڪوھستان جي تاريخي ماڳن کي بچائڻ لا۽َڪردار ادا ڪيو وڃي نه ته ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو.وسيع.ڪيو ويندو.