غير قانوني ڀرتيون: 429 يوسي سيڪريٽرين بابت جاچ رولڙي جو شڪار: سروس رڪارڊگم

0
309
ڪراچي: ترقيون ملڻ بعد  10

ڪراچي (رپورٽ: شاهد ميراڻي ) مڪاني ادارن واري کاتي ۾ مختلف وقتن تي يوسي سيڪريٽرين جي ٿيل غير قانوني ڀرتين واري معاملي جي جاچ رولڙي جو شڪار ٿي وئي، جاچ ڪاميٽي کي شڪي قرار ڏنل 429 يوسي سيڪريٽرين سروس رڪارڊ فراهم نه ڪيو، ڪراچي، حيدرآباد، لاڙڪاڻي، شهيد بينظير آباد، سکر ۽ ميرپورخاص ڊويزنن ۾ مقرر ٿيل شڪي يوسي سيڪريٽرين جي موجوده پوسٽنگ، سروس بوڪ، بينڪ اسٽيٽمينٽ سميت سروس جو ٻيو رڪارڊ نه ملڻ سبب جاچ مڪمل نه ٿي سگھي آهي، جاچ ڪاميٽي پاران مڪاني ادارن واري کاتي جي سيڪريٽري کي ٽيون ڀيرو خط لکي سفارش ڪئي وئي آهي ته شڪي ملازمن کي رڪارڊ جمع ڪرائڻ لاءِ پابند ڪيو وڃي، خط ۾ لکيو ويو آهي ته مختلف ضلعن جي يوسي سيڪريٽرين مير شاهد، محمد زاهد، معروف سولنگي، مير محمد، محمد حنيف، محمد انور، غلام نبي، ذيشان جليل الدين، اياز علي، امان الله، احسان علي، سرفراز احمد، غلام سرور، عبدالوحيد، محبوب علي، شاھ محمد، جاويد احمد، زبير احمد، ماجد حسين، دوست علي ٿهيم، غفار کوسو، نجف شاھ، غلام محمد ميڻ، رمضان لوڊو، مرتضيٰ آرائين، شبير برهماڻي، اسلم چاچڙ، قاسم دشتي، سومر خاصخيلي، رزاق سمون، ايوب ڀنڊ، شاهد شاھ، مور الدين جکراڻي، فاروق ٽالپر، علي حسن ڏاور، ربڏنو جت، نعمت الله مهر، نثار لغاري، سرور مستوئي، مصطفيٰ جتوئي، صديق شاهاڻي، ممتاز سهاڳ، ستار ملاح، يونس ڀٽو، حامد سومرو، رمضان لالواڻي، فخرالدين شاھ، الهجڙيو رند، ممتاز شاھ، شعيب جوڻيجو، انور پٺاڻ، اظهر ميراڻي، اعجاز لغاري، شاهجهان مگسي، اشفاق بيگ، اسد سومرو، عنايت خاصخيلي، شاهد گراماڻي، امتياز سولنگي، فقير محمد لنڊ، طارق عزيز ڳاهو، فقير شاهد هيسباڻي، عظيم سڀايو، انتظار شاھ، يونس ڀٽي، طارق ڀٽو، وحيد کٽياڻ، شفيق مهر، شهزاد شيخ، گلشير جمالي، امير سولنگي، ڪاشف ميمڻ، صالح زرداري، فيصل پٺاڻ، جمشيد ڀٽو، نويد ڀٽي، نديم چنا، شفيع مهر، رياض احمد، طارق چنا، حسين بيگ، شيخ ارشد، عبدالحميد، گلفام، فتح محمد، محمد باقر رضوي، ارشد ميڻ، دولت ڪمار، اسرار مهيسر، غلام شبير، دودو شر، آفتاب عالم ابڙو، مختيار رودناڻي، محرم علي، ڪرشن برهمڻ، عبدالرحمان سمون، اخلاق احمد، جمال بروهي، محمد رضا، علي رضا ٿيٻو، امتياز علي، بلال سولنگي، آصف علي، نريش ڪمار، حافظ شفيع الله، اسد الله بروهي، اياز احمد، محمد نصير، نور محمد پٺاڻ، محمد شبير، عبيد خان، اصغر حسين، حسين سومرو، غلام حيدر مغل، خالد حسين، شاهه زمان، محمد ارشد، سڪندر علي، بادشاھ، سعيد احمد، سيف الله، محمد سليم، محب علي، محمد اقبال، محمد ڊکڻ ، شميم احمد، شاهنواز، مير ممتاز، نديم حسين، محمد متين، سلمان رئيس، محمد عيسيٰ، شيخ ماجد، عامر قريشي، ڪفايت حسين، غلام شبير، لياقت علي، محمد علي، عاصم امام، محمد عمران، فريد احمد، محمد امين، محمد ريحان، سيد الطاف سميت 429 يوسي سيڪريٽرين جا تفصيل فراهم ڪيا وڃن، واضح رهي ته جاچ ڪاميٽي پاران 2 ڀيرا مڪاني ادارن واري کاتي جي سيڪريٽري کي خط لکي سفارش ڪئي وئي هئي ته ملازمن کي رڪارڊ جمع ڪرائڻ جو پابند بڻايو وڃي، انهي باوجود ملازمن کي پابند ناهي بڻايو ويو، جڏهن ته ملازمن جون پگھارون به هلندڙ آهن.