ڪراچي( نمائندن وٽان) ڪورونا جا ڪلور جاري: وڌيڪ 80 شهري فوت ٿي ويا، 1483 نوان ڪيس سامهون آيا، ڪورون ا شرح گهٽجي 3.9 سيڪڙو رهي، ٻئي طرف سنڌ ۾ 22 شهري حياتيون وڃائي ويٺا، جڏهن ته 1041 نوان ڪيس سامهون آيا، ڪراچي ۾ ڪورونا جي شرح 12.5 ۽ حيدرباد ۾ 3 سيڪڙو رهي، ان حوالي سان وڏي وزير سيد مراد علي شاھ چيو آهي ته هن وقت 24758 مريضن جو علاج هلندڙ آهي، جن مان 23781 گھرن، 25 آئسوليشن سينٽرن ۽ 952 مختلف اسپتالن ۾ علاج هيٺ آهن، هن چيو ته 897 مريضن جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي، جن مان 77 مريض وينٽيليٽر تي آهن. ڪراچي ۾ 642، حيدرآباد ۾ 32، گھوٽڪي ۾ 29، سکر ۾ 25، خيرپور ۾ 22، ڪشمور ۾ 21، شهيد بينظير آباد ۾ 19، مٽياري ۾ 17، شڪارپور ۾ 15، قمبر ۽ سانگھڙ ۾ 13_13، جيڪب آباد، سجاول ۽ نوشهري فيروز ۾ 11_11، ٽنڊوالهيار ۾ 10، دادو ۾ 9، ڄامشوري ۾ 5، ميرپورخاص ۾ 4، ٿرپارڪر ۾ 2، لاڙڪاڻي ۽ ٺٽي ۾ وڌيڪ هڪ هڪ نئون ڪيس ظاهر ٿيو آهي، هوڏانهن خيرپور سول اسپتال ۾ تعليمي ماهر استاد غلام عباس انڙ ڪورونا وگهي فوت ٿي ويو، جڏهن ته تعليم وارو وفاقي وزير شفقت محمود ڪورونا کي شڪست ڏئي صحتياب ٿي ويو ، ٻئي طرف سنڌ جي خانگي اسڪولن لاءِ مقرر ڊائريڪٽر جنرل پرڳڻي جي سمورن خانگي اسڪولن کي استادن ۽ ملازمن کي ڪورونا ويڪسين لڳائڻ بابت روزانو جي بنياد تي ڊيٽا فراهم ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي.

ڪراچي(رپورٽ: فقير سليم ) سنڌ ۾ ڀارتي ، ڏکڻ آفريقي، برطانوي ۽ برازيل جا وائرس موجود هجڻ جو انڪشاف، ان ڏس ۾ انٽرنيشنل سينٽر فار ڪيميڪل اينڊ بايولاجيڪل سائنس پاران سنڌ صحت کاتي کي خط لکي آگاهي ڏني وئي آهي ته ڪراچي ۾ ڪورونا جي حوالي سان ورتل سيمپلز مان پتو پيو آهي ته ڏکڻ آفريقا ، برطانوي ۽ برازيل جا ويرينٽ شهرين ۾ پکڙجي رهيا آهن، ورتل سيمپلز ۾ ڏکڻ آفريقا جو ويرينئٽ 72 ، برطانوي ويرينيٽ 18 ۽ برازيل جو ويرينٽ 8 سيڪڙو سيمپلز ۾ موجود هو، انهن ويريئنٽس کي پکڙجڻ کان روڪڻ لاءِ جوڳا انتظام ڪيا وڃن، هوڏانهن ڪراچي ۾ ڀارتي وائرس جا ڪيس به وڌڻ لڳا آهن، گذريل ٽن ڏينهن دوران ڀارتي وائرس جا 5 ڪيس رپورٽ ٿيا آهن، صحت کاتي جي ذريعن موجب ڀارتي وائرس عراق ۽ ايران مان پاڪستان پهتو، جنهن جا چار ڪيس ڪراچي ۽ هڪ ڪيس گهوٽڪي ۾ ظاهر ٿيو آهي. هوڏانهن انٽرنيشل سينٽر فار ڪمييڪل اينڊ بايولاجيڪل سائنس جي خط کانپوءِ صحت کاتي نشاندهي ٿيل مريضن جي ويجهن عزيزن جي به ٽيسٽ ڪرائڻ جو فيصلو ڪيو آهي، جڏهن ته ٽيسٽ کان انڪاري خاندانن خلاف پوليس کان مدد وٺڻ جو پڻ فيصلو ڪيو ويو آهي.