اسلام آباد/ ڪراچي (رپورٽ : ايم بي سومرو ۽ شاهد ميراڻي ) وفاقي حڪومت 10 جولاءِ کان پهرين مرحلي ۾ ميٽرڪ ۽ انٽر ۽ ٻئي مرحلي ۾ نائين ۽ يارهين درجي جا امتحان وٺڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو، ان ڏس ۾ ڪالهه تعليم واري وفاقي وزير شفقت محمود جي صدارت ۾ تعليم وارن وزيرن جو بين الصوبائي اجلاس ٿيو، جنهن کانپوءِ پريس ڪانفرنس ڪندي تعليم واري وفاقي وزير شفقت محمود چيو آهي ته شاگردن جي صحت بابت سفارشن تي تعليمي ادارا بند ڪرڻا پيا، گذريل سال امتحانن کانسواءِ شاگردن کي پاس ڪرڻ واري تجربي بعد هيل فيصلو ڪيو ويو آهي ته ڪنهن به شاگرد کي امتحان ڏيڻ کانسواءِ اپ گريڊ ( ٻئي ڪلاس ۾ ٽپايو) نه ڪيو ويندو، امتحان هر صورت ۾ ٿيندا، هن چيو ته اسان جي تعليمي ادارن ۾ آخري ٻن ٽن مهينن ۾ شاگرد پڙهندا آهن، انهن کان امتحان نه وٺڻ جو مطلب اهو ٿيندو ته شاگرد جيڪا ٿوري گهڻي پڙهائي ڪن ٿا، اها به نه ٿيندي، هن چيو ته ڪورونا جي شدت دوران ڪيمبرج جا امتحان ورتا ويا، او ليول جا امتحان 26 جولاءِ کان 6 آگسٽ تائين ٿيندا، هن چيو ته صوبائي وزيرن جي اجلاس ۾ ادارن جي لاڳيتي بندش سبب شاگردن جو ڪورس مڪمل نه ٿيڻ ڪري 40 سيڪڙو سليبس گهٽ ڪيو ويو ، ڪورونا وبا کي نظر ۾ رکي فيصلو ڪيو ويو آهي ته نائين ۽ ڏهين درجي جي شاگردن کان صرف 4 اختياري مضمونن فزڪس، ڪيمسٽري، بائلاجي ۽ رياضي جا پيپر ورتا ويندا، جڏهن ته يارهين ۽ ٻارهين جو امتحان به رڳو اختياري مضمونن جو ئي ورتو ويندو، جيڪي شاگرد ڊاڪٽر ٿيڻ لاءِ ميڊيڪل ۾ داخلا وٺڻ چاهين ٿا اهي بائلاجي ۽ جيڪي شاگرد انجنيئرنگ ۾ داخلا وٺڻ چاهين ٿا اهي ميٿس جا پيپر لازمي ڏيندا، هن چيو ته فزيڪل ڪلاس نه ٿيڻ ڪري انگريزي، سنڌي، اردو، پاڪستان جو اڀياس، اسلاميات، شهريت ( سوڪس )، آسان اردو ۽ آسان سنڌي جي مضمونن جا پيپر نه ٿيندا، هن چيو ته سمورن بورڊن جا امتحان 24 جون کان شروع ٿيڻا هئا، جيڪي هاڻي 10 جولاءِ کانپوءِ شروع ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، انهي سان شاگردن کي امتحانن جي تياري ڪرڻ لاءِ وڌيڪ وقت ملندو، اجلاس ۾ اهو به فيصلو ڪيو ويو آهي ته پيپرن ۾ وقفو پڻ رکيو ويندو، تعليمي بورڊن کي اهڙيون هدايتون ڪيون ويون آهن، هن چيو ته پهرين مرحلي ۾ ڏهين ۽ ٻارهين درجي جي شاگردن جا 10 جولاءِ کانپوءِ امتحان ٿيندا، انهن جا امتحان مڪمل ٿيڻ بعد ِ نائين ۽ يارهين ڪلاس جا امتحان ٿيندا، هن چيو ته ڏهين ۽ ٻارهين جماعت جا امتحان پهريان وٺڻ جو فيصلو ان ڪري ڪيو ويو آهي ته جيئن سيپٽمبر جي ٽئين هفتي تائين امتحاني نتيجا اچي وڃن، انٽر پاس شاگرد مادرعلمين ۽ ميٽرڪ پاس ڪاليجن ۾ داخلائون وٺي سگهن، هن چيو ته اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو آهي ته ڪو به استاد ڪورونا ويڪسين ڪرائڻ کانسواءِ امتحاني ڊيوٽي ڪري نه سگهندو، هن چيو ته ڪيمبرج جي شاگردن کي يونيورسٽين ۾ داخلا لاءِ خصوصي اجازت ناما ڏنا ويندا، ائين ميڊيڪل ۽ انجنيئرنگ جي داخلا لاءِ ٿيندڙ انٽري ٽيسٽن ۾ شاگردن کي ويهڻ جي اجازت ڏني ويندي، هن واضح ڪيو ته امتحان هر صورت ۾ ٿيندا، انهي فيصلي ۾ ڪا تبديلي نه ٿيندي، نه اڳ ۾ دٻاءُ قبول ڪيو آهي ۽ نه ئي هاڻي قبول ڪبو ، هن چيو ته اسڪولن جي في صوبائي سبجيڪٽ آهي، وفاقي حڪومت وفاقي راڄڌاني ۾ جن مهينن دوران تعليمي ادارا بند رهيا، انهن مهينن جي في ۾ 20 سيڪڙو گهٽتائي ڪئي آهي، ٻئي طرف سنڌ تعليم کاتي جي ذريعن ٻڌايو ته پيپرن جو وقت 2 ڪلاڪ هوندو، ميٽرڪ ۽ انٽر جي امتحانن ۾ شامل نه ڪيل مضمونن ( پيپرن) جون مارڪون اختياري مضمونن ۾ کنيل مارڪن جي نسبت سان ڏنيون وينديون. هر اختياري مضمون جي پيپر ۾ 50 سيڪڙو مارڪون ايم سي ڪيوز، 30 سيڪڙو مارڪون ننڍن سوالن ۽ 20 سيڪڙو مارڪون ڊگھن سوالن لاءِ هونديون، امتحان بند ڪلاسن ۾ ڪرائڻ بجاءِ امتحاني سينٽرن جي گرائونڊن ۾ ڪرايا ويندا. جتي شاگردن کي ڪورونا ايس او پيز تحت 3 کان 5 فوٽن جي سماجي وٿيءَ سان ويهاريو ويندو.. ذريعن موجب سنڌ حڪومت پاران امتحانن جي تاريخ جو اعلان ڪجهه ئي ڏينهن ۾ ڪيو ويندو. ان سلسلي ۾ تعليم واري صوبائي وزير سعيد غني جي ترجمان جو چوڻ آهي ته نائين کان ٻارهين درجي جي شاگردن کان بورڊ جا امتحان ايندڙ مهيني جولاءِ ۾ ئي ورتا ويندا. ڪجهه ڏينهن ۾ بورڊ اختيارين سان اجلاس ڪري شيڊيول پڌرو ڪيو ويندو