ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي گورنر عمران اسماعيل ۽ وڏي وزير مراد علي شاهه وچ ۾ ون ٽو ون ملاقات ٿي، جنهن دوران سنڌ ۾ سياسي صورتحال، ترقياتي منصوبن سميت مختلف معاملن تي ڳالهيون ڪيون ويون، ان ڏس ۾ وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ڪالهه گورنر هائوس پهچي گورنر عمران اسماعيل سان ملاقات ڪئي، ان موقعي تي سنڌ ۽ وفاق جي گڏيل سهڪار سان هلندڙ ترقياتي منصوبن ۽ فنڊز بابت پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي، جڏهن ته سنڌ ۾ ڪورونا جي پکيڙ کي روڪڻ لاءِ انتظام ڪرڻ توڙي پوليس کي عوامي خدمت واري فورس ٺاهڻ بابت پڻ ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي.