ڪراچي (نمائندن وٽان) ڪورونا جا ڪلور، وڌيڪ 148 شهري حياتيون وڃائي ويٺا، 5499 نوان ڪيس سامهون آيا، ملڪ ۾ ڪورونا شرح وڌي 11.63سيڪڙو تي پهتي، سنڌ جي 2 وڏن شهرن ڪراچي ۾ اها شرح 13 ۽ حيدرآباد ۾ 14 سيڪڙو ٿي وئي، سنڌ ۾ 50 سيڪڙو ڪيس لنڊن واري ڪورونا جا هجڻ جي تصديق، اين سي او سي پاران ڪورونا متاثر وڏا شهر بند ڪرڻ جي وارننگ ، اعلان سڀاڻي جمعي تي ٿيندو ٻئي طرف سنڌ ۾ ڪورونا وگهي 3 شهري فوت ٿي ويا، جڏهن ته 885 نوان ڪيس سامهون آيا، ان حوالي سان وڏي وزير سيد مراد علي شاھ چيو آهي ته پرڳڻي ۾ هن وقت 9220 مريضن جو علاج هلي رهيو آهي، جن مان 8780 گھرن ، 9 آئسوليشن سينٽرن ۽ 431 مريض مختلف اسپتالن ۾ علاج هيٺ آهن. هن چيو ته 397 مريضن جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي، 47 مريض وينٽيليٽر تي آهن. هوڏانهن ڪراچي ۾ 388، حيدرآباد ۾ 141، سکر ۾ 31، قمبر ۾ 23، مٽياري ۾ 18، بدين ۽ گھوٽڪي ۾ 16_16، ٺٽي ۾ 15، دادو، سجاول ۽ ڄامشوري ۾ 14_14، خيرپور، شهيد بينظير آباد ۽ نوشهروفيروز ۾ 12_12، جيڪب آباد ۾ 10، ٽنڊي محمد خان ۾ 9، عمرڪوٽ ۾ 8، لاڙڪاڻي ۾ 7، ميرپورخاص ۾ 4، سانگھڙ ۽ شڪارپور ۾ هڪ هڪ نئون ڪيس ظاهر ٿيو آهي. ٻئي طرف سنڌ پوليس ۾ ڪورونا جا وڌيڪ 6 ڪيس ظاهر ٿيڻ ، بعد انگ وڌي 6 هزار 385 ٿي ويو آهي. ترجمان موجب متاثر اهلڪارن ۽ آفيسرن مان 6 هزار 334 اهلڪار ۽ آفيسر صحتياب ٿي چڪا آهن، جڏهن ته هن وقت 27 اهلڪارن ۽ آفيسرن جو علاج هلندڙ آهي، ٻئي طرف پشاور ۾ حيات ميڊيڪل ڪامپليڪس ۾ نرس نازيه فوت ٿي وئي، جڏهن ته پنجاب سرڪار ڪورونا تي ضابطو نه اچڻ سبب پرڳڻي جي 7 ضلعن جي اسپتالن جي 4 او پي ڊيز کي هفتي لاءِ بند ڪري ڇڏيو، ٻئي طرف ڪوئيٽا ۾ ڪورونا ڪيس وڌڻ بعد بيوٽمز يونيورسٽي ۾ تدريسي عمل 23 مئي تائين بند ڪيو ويو آهي، هوڏانهن ڪراچي جي ڪياماڙي ضلعي جي انتظاميا ڪورونا جا 10 ڪيس سامهون اچڻ بعد ڪياماڙي، سائيٽ ۽ بلديه جي 7 يوسيز جي 8 گهٽين ۾ 4 مئي تائين سمارٽ لاڪ ڊائون لاڳو ڪري ڇڏيو، هوڏانهن وفاقي حڪومت ملڪ ۾ ڪورونا جي صورتحال سنگين ٿيڻ تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي وڌيڪ پابنديون لڳائڻ جو اصولي فيصلو ڪندي جمعي تي وڌيڪ پابندين جو اعلان ڪرڻ جو فيصلو ڪري ڇڏيو آهي، ان ڏس ۾ اين سي او سي جي سربراهه وفاقي وزير اسد عمر اجلاس بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو آهي ته ڪورونا جي صورتحال تي ضابطو نه آيو ته ملڪ جا وڏا شهر بند ڪرڻا پوندا، ڪراچي ۾ ڪورونا جي مثبت ڪيسن جي شرح 13 ۽ حيدرآباد ۾ 14 سيڪڙو تي پهچي وئي آهي، جڏهن ته بهاولپور ۾ ڪورونا جي مثبت ڪيسن جي شرح 38، مردان ۾ 33، پشاور ۾ 26 ، راولپنڊي ۾ 28، فيصل آباد ۾ 25، ملتان ۾ 21 سيڪڙو تي پهچي وئي آهي، هن چيو ته گذريل سال قوم ڪورونا کان بچاءَ لاءِ ايس او پيز تي عمل ڪيو پر هن ڀيري عمل نه ٿي رهيو آهي، انتظاميا جي به ڪارروائي ٿيندي به نظر نه اچي رهي آهي، هن چيو ته ملڪ اندر ڪورونا جي مريضن جو تعداد وڌي 83 هزارن تي پهتو آهي، سنڌ صوبو ڪورونا وبا جي ڦهلاءَ کان نسبتن محفوظ هو پر هاڻ اتي به س ڪورونا وبا وڌي رهي آهي، هن چيو ته روزانو 600 کان وڌيڪ ڪورونا مريض اسپتالن ۾ وڃي رهيا آهن، سڄي ملڪ ۾ ساڍا 4 هزار مريض آڪسيجن وينٽيليٽر تي اچي ويا آهن، جڏهن ته ڪورونا جي پهرين لهر دوران سڄي ملڪ ۾ آڪسيجن وينٽيلينٽر تي 3400 ماڻهو هئا، پهرين لهر جي مقابلي ۾ وينٽيليٽر تي ايندڙ مريضن جي تعداد ۾ 30 سيڪڙو اضافو ٿي چڪو آهي، هن چيو ته بدقسمتي سان ٻڌائڻو پوي ٿو ته هن هفتي دوران ڪورونا سبب فوت ٿيندڙن جو تعداد سڀ کان وڌيڪ آهي، هن چيو ته ملڪ ۾ لاتعداد آڪسيجن سلينڊر ٺاهڻ جي گنجائش ناهي، سلنڊرن جي کپت 90 سيڪڙو کان وڌي وئي آهي، هن وقت صورتحال سنگين آهي، سنجيدگي جو مظاهرو ڪرڻ جي ضرورت آهي، خدا جي واسطي سنجيدگي ڏيکاري وڃي، هن چيو ته موجوده صورتحال کي سامهون رکي ڪجهه فيصلا تجويز ڪيا آهن، جيڪي صوبن سان شيئر ڪيا ويندا، جنهن کانپوءِ سڀاڻي جمعي تي وڌيڪ پابنديون لڳائڻيون پونديون، رڳو ڪجهه ڏينهن جي گنجائش باقي رهجي وئي آهي، صورتحال بهتر نه ٿي ته وڏا شهر بند ڪرڻا پوندا، هي آخري وارننگ آهي، قوم تعاون نه ڪيو ته اسان وٽ شهر بند ڪرڻ کانسواءِ ڪو رستو نه بچندو، آئون وڏن وزيرن کي اپيل ڪريان ٿو ته اهي پنهنجي انتظاميا ۽ صحت کاتي سان گڏجي ويهن، اهي چونڊيل آهن، عوام سندن ڳالهه ٻڌندو صوبن کي وفاق کان جيڪا به مدد گهرجي، اها ڪرڻ لاءِ تيار آهيون، هوڏانهن سنڌ جي صحت واري وزير عذرا پيچوهو چيو آهي ته سنڌ ۾ لنڊن واري ڪورونا جا 50 سيڪڙو ڪيس سامهون آيا آهن جاري ڪيل ويڊيو بيان توڙي سنڌ اسيمبلي ۾ ڳلهائيندي هن چيو ته لنڊن واري ڪورونا تمام گھڻي خطرناڪ آهي،هن چيو ته عيد بعد 18 سال کان مٿي وارن سمورن ماڻهن جي ويڪسين ڪئي ويندي. سنڌ اسيمبلي ۾ سوالن جا جواب ڏيندي هن چيو ته اسان وٽ ڊرگ انسپيڪٽرن جي کوٽ آهي،هن چيو ته ڪورونا دوران سرجري (آپريشن ) بند ڪئي وئي هئي، جنهن سبب ماڻهن کي تڪليف ٿي. هن چيو ته وفاق کي اڄ 5 لک ويڪسين ملڻ واريون آهن، جيئن وڌيڪ ويڪسين ايندي، اسان وڌيڪ سينٽر قائم ڪنداسين،