اسلام آباد (م ڊ) سپريم ڪورٽ آف پاڪستان جي جسٽس قاضي فائز عيسيٰ وزيراعظم عمران خان جي مذهبي مامرن بابت خصوصي نمائندي علامه طاهر اشرف کي خط لکيو آهي، جسٽس فائز خط ۾ لکيو آهي ته تعجب ٿيو ته اوهان منهنجي پرپٺ اوهان مون کي ڪاپي موڪلڻ بنا 11 اپريل تي چيف جسٽس کي خط لکيو، اوهان مون کي ڪاپي ڏيڻ به مناسب نه سمجهيو، اوهان مون سان اهي جملا جوڙيا جيڪي مون نه زباني ادا ڪيا آهن نه وري تقرير ۾ ڪيا، اوهان جي ڳالهه جي ترديد ان مان به ٿئي ٿي ته اوهان منهنجي تقرير جو مواد خط ۾ ناهي ڏنو، خط ۾ جسٽس فائز وڌيڪ لکيو ته چيف جسٽس کان خط ۾ اوهان منهنجي استعيفا جو مطالبو ڪيو، آئين ۾ ان ڳالهه جي ڪا گنجائش ناهي ته عدالت عظميٰ جي ڪنهن جج کي ڪير تنبيهه ڪري، بهتر اهو هو ته اوهان سڌي ريت مون کان استعيفا جو مطالبو ڪريو ها، خط ۾ جسٽس فائز چيو ته مون کي ڪنهن عهدي جي ضرورت ناهي جڏهن محسوس ٿيو انصاف فراهم نٿو ڪري سگهان ته پاڻ ئي استعيفا ڏئي ڇڏيندس، اوهان جهڙن دانشورن ڪڏهن آمرن خلاف آواز ناهي اٿاريو، منهنجي تقرير آئين، اسلام ۽ بنيادي حقن بابت هئي اوهان منهنجي تقرير کي اسلام ۽ قرآن جي منافعي چيو جيڪڏهن اوهان ان موضوع تي ڪجهه لکيو آهي ته مون کي ضرور موڪليندا.