اسلام آباد (م ڊ) مذهبي معاملن بابت وزيراعظم جي خصوصي نمائندي علامه طاهر اشرفي جسٽس قاضي فائز عيسيٰ کي جوابي خط لکيو آهي جنهن ۾ هن چيو آهي ته اوهان کي جج نه پر سياستدان هجڻ گهرجي ها، اوهان خلاف ڪا فتويٰ يا ڪنهن کي چڙ ناهي ڏياري. خط ۾ هن وڌيڪ چيو ته ڪنهن تي تهمت هڻڻ کان اڳ تحقيق ڪندا ڪريو، اوهان جهڙا جج ئي آمرن کي حق حڪمراني ڏيندا رهيا آهن، اوهان جي عهدي جي گهرج ڪاوڙ نه پر اعتدال آهي، اعتدال نه ڪندڙ مفتي يا جج چوڻ جي قابل ناهي رهندو. خط ۾ طاهر اشرفي چيو ته چيف جسٽس کي بطور سربراهه اوهان کي نصيحت لاءِ چيو هو، پر اوهان شايد پنهنجي اداري جي سربراهه کي نصيحت ڪرڻ جو حق نٿا ڏيو، چيف جسٽس کي خط اوهان جي وڊيو ڪلپ بعد لکيو هو.