اسلام آباد (بيورو رپورٽ) صدر ڊاڪٽر عارف علوي جنوري 2023ع تائين پارليامينٽ ۾ ڊجيٽلائيزيشن جي عمل کي مڪمل ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي، اهڙي هدايت ڪالهه هن پارليامينٽ هائوس ۾ پارليامينٽ جي ڊجيٽلائيزيشن جي حوالي سان ٿيل اعليٰ سطحي اجلاس دوران ن ڪئي، اجلاس ۾ سينيٽ جو چيئرمين صادق سنجراڻي، اسپيڪر قومي اسيمبلي اسد قيصر ، انفارميشن ٽيڪنالاجي جي وفاقي وزير امين الحق ۽ ٻين شرڪت ڪئي، اجلاس دوران صدر کي ٻڌايو ويو ته پارليامينٽ هائوس کي سائبر صلاحيتن سان ليس ڪرڻ لاءِ منصوبي جي پي سي ون تيار ٿي چڪي آهي، جنهن تي صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته لاڳاپيل اسٽيڪ هولڊر جنوري 2023 تائين پارليامينٽ جي ڊجيٽلائيزيشن جي عمل کي مڪمل ڪن، جنهن مان پارليامينٽ ۾ حڪومت جي ڪارڪردگي ۽ شفافيت ۾ به بهتري آڻڻ ۾ مدد ملندي.