ڪنڊيارو (ن پ ا) ڪنڊيارو شھر 8 ڏينهن کان گئس جو پريشر  نه برابر ھئڻ ڪري رهواسين کي رڌ پچاءُ ۾ سخت ڏکيائيون ٿي رهيون آهن، شھر جي اڪثر علائقن ميمڻ پاڙي، زڪريا،  سيد محله ۽ بلادي محله ۾ گئس نه ھئڻ برابر آهي، ان حوالي سان شهرين  فهيم بلادي، زين ميمڻ، سفيان، غلام حيدر ۽ ٻين دانيهندي چيو ته   اڃان سيارو آيو ئي ناهي ته سوئي سدرن ڪمپني وارن گئس جو پريشر گهٽائي شهرين کي پريشان ڪرڻ جو سلسلو شروع ڪيو ويو آهي، ڪير دانهن ٻڌڻ وارو ناهي، هنن مطالبو ڪيو ته نوٽيس وٺي گئس بندش ختم ڪئي وڃي، ٻي صورت ۾ احتجاج ڪنداسين.