اڪري چودڳي (ن پ ا) يوسي اڪري جي پرائمري اسڪولن ۾ برساتي پاڻي بيٺل هجڻ سبب تعليم سخت متاثر،  تدريسي عمل ٽن مهينن کان بند، ان حوالي سان  پرائمري اسڪول شاھ محمد سانگي ٽن مهينن کان مڪمل برساتي پاڻي ۾ ٻڏل آهي، شاگرد ڳوٺ ۾ قائم ڪيل ٽينٽ سٽي جي  اسڪول ۾ تعليم حاصل ڪري رهيا آهن، ان حوالي سان شاگردن زوهيب، ساجد، نويد ۽ ٻين دانيهندي چيو ته 3 مهينن کان برساتي پاڻي بيٺل هجڻ سبب اسڪول بند پيل آهي، جنهن سبب تعليم متاثر ٿي رهي آهي،  هنن مطالبو ڪيو ته نوٽيس وٺي پاڻي نيڪال ڪرائي سهولتون فراهم ڪيون وڃن.