جهڏو (ن پ ا) جهڏو ٽائون ڪاميٽي جي ملازمن جي حاضري کي يقيني بڻائڻ لاءِ ايڊمنسٽريٽر بائيوميٽرڪ مشين لڳائي ڇڏي، جهڏو ٽائون ڪاميٽي جي ايڊمنسٽريٽر منير حسين منگي ٽائون ملازمن جي حاضري يقيني بڻائڻ لاءِ جهڏو ٽائون ڪاميٽي آفيس ۾ بائيوميٽرڪ مشين لڳائي آهي، ان ڏس ۾ ايڊمنسٽريٽر ٻڌايو ته جهڏو ٽائون ڪاميٽي ۾ 3 سئو کان مٿي ملازم آهن، جن مان اڪثر گوسڙو گهر ويٺي پگهار کڻن ٿا ۽ ڊيوٽي نٿا ڪن، جنهن ڪري اهڙو قدم کنيو آهي، جنھن سان ملازمن جي حاضري يقيني بڻائي ويندي، هن چيو ته جيڪي ملازم غير حاضر رهندا ۽ ڊيوٽي نه ڪندا انهن جي پگهار بند ڪئي ويندي.