گمبٽ (ن پ ا) گمبٽ ڀرسان ڳوٺ الهه بخش بگٽي واسي عورتن ۽ مردن جو بااثرن جي ظلمن خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، نياڻي اغوا جو الزام، ان ڏس ۾ مسمات مکڻ خاتون بگٽي، طارق حسين، پهلوان بگٽي ۽ ٻين دانهيندي چيو ته فريده خاتون بگٽي جي هڪ سال اڳ شادي ڪئي هئي،  سندس مڙس نياڻي تي تشدد ۽ ظلم ڪندو هو، نياڻي تي تشدد سبب اکين جي نور کان محروم ٿي وئي آهي. جوابدار زبردستي ڌيءَ گھران اغوا ڪري کڻي ويو آهي. طلاق جو عدالت سڳوري ۾ ڪيس هلندڙ آهي. جوابدار ٻئي 12 سالن جي نياڻي هوران خاتون بگٽي کي اغوا ڪرڻ ۽ قتل ڪرڻ جون ڌمڪيون ڏئي رهيو آهي، پوليس دانهن ٻڌڻ لاءِ تيار ناهي، هنن مطالبو ڪيو ته نوٽيس وٺي جوابدار خلاف ڪارروائي ڪري انصاف ڪيو وڃي.