ڪنڊيارو(ن پ ا) ڪنڊيارو ڀرسان پپري ۽ ڀاڳو ديرو ٿاڻي جي حد ۾ هٿياربند درگاهه لوڙهو شريف جي ملازمن  ٻن  منشين غلام عباس رستم  کي هٿيارن جي زور تي مبينه اغوا ڪري ويا آهن، جڏهن ته هٿياربند ان سان لوڊ ٿيل ٻه ٽريڪٽر ٽراليون به ڪاهي ويا آهن، واقعي خلاف درگاهه لوڙهو شريف عقيدتمندن پاران ڪنڊيارو ۾ احتجاج ڪيو  ويو آهي، احتجاج ڪندڙ عبدالعليم عارف ۽ ٻين جو چوڻ هو ته پپري ۽ ڀاڳو ديرو ٿاڻي جي حد ۾ بدامني چوٽ چڙهي وئي آهي ڏوهارين جو راڄ قائم  ٿي ويو آهي پوليس امن امان ڪرائڻ ۾ ناڪام ٿي وئي آهي، هنن جو چوڻ آهي ته علائقي ۾ ڏوهاري سرعام گهمي رهيا آهن ايندڙ ويندڙ ماڻهن کان ڦرون ڪري رهيا آهن  علائقو نوگو ايريا بڻيل آهي، هنن جو چوڻ آهي ته هٿياربند رستم ۽ غلام عباس کي اغوا ڪري ويا ان جون ٽراليون ڦر ڪيون ويون مزدورن کان موبائيل فونون ڦر ڪيون ويون، هٿياربند هڪ ڄڻي رستم کي زخمي ڪري ڇڏي ويا، پوليس ڪجهه نه ڪيو، علائقي ۾ هٿياربند جو راڄ آهي ڪجهه وقت اڳ ٻن پوليس اهلڪارن کي پڻ قتل ڪيو ويو هو هاڻ وري ٻيهر ڏوهاري روڊن تي اچي ويا آهن، هنن سنڌ جو وڏو وزير سيد مراد علي شاهه گهرو وزير ضياالحسن النجار نوٽيس وٺي پپري ۽ ڀاڳو ديرو ٿاڻي جي حد ۾ امن امان جي صورتحال کي بهتر ڪرائين ۽ اغوا ٿيل غلام عباس کي بازياب ڪرائين، ان موقعي تي ڊي ايس پي ڪنڊيارو ۽ ايس ايڇ او احتجاج ڪندڙ وٽ پهتا جيڪي ساڻن ڳالهيون ڪري رهيا آهن آخري اطلاع تائين احتجاج جاري هئو.